اسلام آباد – 23 – فيبروري (اي پي پي) پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائ??ل قابض فوج جي ظالماڻي ڪارروائي جي مذمت ڪندي عا??مي برادري کان مطالبو ڪيو آهي ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خ??اف انساني حقن جي سنگين خ??اف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مست??بل ۾ اهڙي قسم جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري قدم کڻي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان موجب پاڪستان اولهندي ڪناري ۾ اسرائيلي قابض فوج جي تازي ڇاپي جي شديد مذمت ڪري ٿو جنهن جي نتيجي ۾ هڪ نوجوان سميت گهٽ ۾ گهٽ 11 فلسطيني شهيد ۽ درجنين زخمي ٿيا آهن. اهڙي طرح جون ظالماڻيون ڪارروايون عا??مي قانون ۽ گڏ??ل قومن جي لاڳاپ??ل قراردادن جي واضح خ??اف ورزي آهي. پاڪستان جي حڪومت ۽ عوام متاثرين جي گهرڀاتين سان دلي تعزيت جو اظهار ڪن ٿا ۽ ان وحشياڻي حملي ۾ زخمي ٿيندڙن جي مڪمل ۽ جلد صحتيابي جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪن ٿا. ترجمان چيو ته اسرائيل پاران طاقت جو اهڙي طرح جو استعمال ڇڪتاڻ واري صورتحال کي وڌيڪ بگاڙيندو ۽ خطي ۾ امن جي امڪانن کي نقصان په??ائيندو. پاڪستان عا??مي برادري کان مطالبو ڪري ٿو ته اها اسرائيل کي فلسطينين جي خ??اف انساني حقن جي سنگين خ??اف ورزين جي لاءِ جوابده بڻائي ۽ مست??بل ۾ اهڙي طرح جي غيرقانوني ڪاررواين کي روڪڻ جي لاءِ ضروري ڪارروائي ڪري. اسان فلسطيني عوام سان پنهنجي مڪمل حمايت کي ورجايون ٿا ۽ 1967ع کان اڳ جي سرحدن تي هڪ اهڙي آزاد فلسطيني رياست قائم ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا جنهن جي گادي وارو شهر اوڀر يروشلم هجي.