جنيوا – 09 – جنوري (اي پي پي) ماحولياتي تبديلي سان ٿيندڙ تباهي کانپوءِ پاڪستان جي نئين سر تعمير جي حوالي سان جنيوا ۾ ٿيندڙ ڪانفرنس جي ش??وعات اڄ پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي ش??ڪت ڪندڙن کي آجياڻي واري خطاب سان شروعات ٿيندي جنهن کانپوءِ وزيراعظم شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل شروعاتي مڪالمي جي سيشن جي سربراهي ڪندا. پرڏيهي آفيس موجب پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري چار سيشنز تي ٻڌل ڪانفرنس جي ٻئي ۽ ٽئين سيشن جي صدارت ڪندو، ٻئي سيشن جي ش??واعت 3 لڳي 15 منٽتي ٿيندي جڏهن ته وقفي کانپوءِ ٻئي سيشن جي ٻيهر شروعات 6 لڳي 30 منٽن تي ٿيندي، وقفي دوران وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ گڏيل قومن جو سيڪريٽري جنرل پريس ڪانفرنس ڪندا. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي صدارت ۾ ٽيون سيشن ساڍي 7 وڳي ٿيندو. اليڪٽرانڪ ميڊيا ۽ ڊيجيٽل ميڊيا تي لائيو ڪوريج جي لاءِ گڏيل قومن جي ويب سائيٽ تي ڪانفرنس ??ي پهرين ۽ ٻئي حصي کانسواءِ ڪانفرنس دوران ٿيندڙ ٻين سيشنز جا ٽي جدا جدا لائيو اسٽريمنگ لنڪس دستياب آهن.