اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري سعودي عرب جي پرڏيهي وزير شهزاده فيصل بن فرحان السعود سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران ج??ري بيان موجب پاڪستان ۽ سعودي عرب جي وچ ۾ ڀائراڻن لاڳاپن ک?? ورجائ??ند?? ٻنهي پرڏيهي وزيرن گڏيل دلچسپي جي سمورن شعبن ۾ ٻطرفي تعاون کي وڌيڪ وڌائڻ ۽ سگهه ڏيڻ جي گڏيل عزم ک?? ورجايو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرد??ري پاڪستان جي ٻوڏ متاثرين بابت امداد تي سعودي عرب جي قيادت جا ٿورا مڃيا. پرڏيهي وزير پنهنجي سعودي هم منصب کي ”ڪلائميٽ ريزيلينٽ پاڪستان“ بابت ايندڙ عالمي ڪانفرنس کان آگاهه جيڪا 9 جنوري تي جنيوا ۾ منعقد ٿي رهي آهي. سعودي پرڏيهي وزير پاڪستان جي ٻوڏ ک??نپوءِ جي نئين سر تعمير ۽ بحالي جي ڪوششن جي سمورن قدمن جي لاءِ سعودي عرب جي ڀرپور حمايت کان آگاهه ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن افغانستان جي تازي اڳڀرائي تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. هنن عورتن جي حقن جي ضمانت ۽ زندگي جي سمورن رخن ۾ انهن جي مڪمل ۽ برابر شرڪت جي اهميت ک?? ورجايو. هنن افغانستان ۾ سلامتي، استحڪام ۽ امن جي لاءِ پنهنجي حمايت ۽ افغان عوام جي لاءِ وڌيڪ پائيدار مستقبل جي تعمير جي لاءِ عالميم شموليت جي اهميت ک?? ورجايو.