اسلام آباد – 26 – ڊسمبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ قطر جي امير شيخ تميم بن حمد الثاني ٽيليفون تي گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي. وزيراعظم قطر جي امير کي 9 جنوري 2023ع تي جنيوا ۾ گڏيل قومن سا?? گڏيل ميزباني ۾ پ??ڪس??ان بابت موسمياتي تبديلي جي اثرن جي حوالي سا?? عالمي ڪانفرنس ۾ شرڪت جي دعوت ڏني. وزيراعظم ميڊيا آفيس پاران جاري بيان موجب وزيراعظم پ??ڪس??ان ۾ تباهي آڻيندڙ ٻوڏ کانپوءِ قطر پاران فراهم ڪئي ويندڙ امداد تي قطر جي امير جا ٿورا مڃيا. هن چيو ته پ??ڪس??ان کي موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن سا?? ٿيندڙ نقصان سا?? بحالي ۽ ??ئي?? سر تعمير جو تمام وڏو چئلينجز درپيش آهي. وزيراعظم چيو ته پ??ڪس??ان پنهنجي محدود وسيلن کي ممڪن حد تائين استعمال ڪيو آهي، متاثر علائقن جي بحالي ۽ ??ئي?? سر تعمير جي مشڪل چئلينج کي منهن ڏيڻ ۽ مستقبل ۾ موسمياتي تبديلي جي منفي اثرن کان بچڻ جي لاءِ مسلسل عالمي حمايت ۽ يڪجهتي جي ضرورت آهي. وزيراعظم قطر جي امير کي فٽ بال ورلڊ ڪپ جي ڪامي??ب ميزباني تي مبارڪباد ڏني جنهن راندين جي عالمي مقابلن جي لاءِ هڪ نئون معيار قائم ڪيو. وزيراعظم ۽ قطر جي امير گڏيل دلچسپي جي ٻطرفن ۽ عالمي معاملن تي پڻ مختصر خيالن جي ڏي وٺ ڪئي.