اسلام آ??اد– 18 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي سان ناڻي واري وفاقي وزير سينيٽر محمد اسحاق ڊار ايوان صدر ۾ ملاقات ڪئي، ملاقات دوران ناڻي واري وفاقي وزير صد?? کي ملڪ جي مجموعي ??قتصادي ۽ مالياتي صورتحال کان آگاهه ڪيو. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صد?? کي پاڪستان جي عوام خاص طور تي ملڪ جي محروم علائقن جي غير مراعت يافته آبادي ۽ ٻوڏ متاثرين کي ريليف فراهم ڪرڻ جي لاءِ حڪومت پاران کنيل مختلف قدمن کان پڻ آگاهه ڪيو. ملاقات دوران ناڻي ۽ معيشت بابت مختلف معاملن تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.