اسلام آباد– 17 – نومبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي عالمي لاڳاپن ۾ تباهي آڻيندڙ فلسفن ۽ نظرين کي مڪمل امن جي فلسفي سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت تي ??ور ڏيندي چيو آهي ته عالمي نظام کي قانونن، اخلاقيات ۽ قدرن تي ٻڌل هجڻ گهرجي ته جيئن دنيا کي سڀني جي لاءِ هڪ بهتر جڳهه بڻائي سگهجي، گلوبل وارمنگ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج ڪيترن ئي ڪمزور ملڪن کي خطري ۾ وجهي مختلف خطن ۾ ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار تي منفي اثر وجهي رهيو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ”مارگلا ڊائيلاگ“ جي خصوصي سيشن کي خطاب ڪندي ڪيو جنهن جو اهتمام اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ ڪيو هو. سيشن ۾ سفارتڪارن، غيرملڪي شخصيتن، تعليمي ماهرن ۽ دانشورن شرڪت ڪئي. هن چيو ته گڏيل طور تي يقيني تباهي، هيومن وار فيئر ۽ سرد جنگ جي ذهنيت جهڙن نظرين کي ختم ڪري ان جي جاءِ تي ڪامل امن جي فلسفي کي آڻڻ گهرجي ته جيئن جنگ کي مڪمل طور تي ??تم ڪيو وڃي. صدر چيو ته تباهي آڻيندڙ فلسفن ۽ نظرين کي مڪمل امن جي فلسفي سان تبديل ڪرڻ جي ضرورت آهي جتي ??نگ جو سهارو وٺڻ جو ڪو آپشن نه هجي. هن چيو ته اهو تڏهن ئي ممڪن آهي جڏهن سمورين قومن، ملڪن ۽ اتي ??هندڙ ماڻهن سان بنا ڪنهن رنگ ۽ نسل ۽ زبان جي فرق کانسواءِ انهن سان عزت، وقار ۽ احترام جو سلوڪ ڪيو وڃي. هن چيو ته ويٽو پاور جي صورت ۾ ڪجهه قومن کي ترجيحي حيثيت ڏيڻ جي اصول جي نئين ورلڊ آرڊر ۾ ڪا جڳهه نه هجڻ گهرجي جيڪا تجربي جي بنياد تي گهٽ طاقت ۽ قومن کي بدحالي ۽ جنگ جي غلط استعمال جي صلاحيت رکندي هجي. صدر چيو ته عالمي طاقتون گڏيل يقيني تباهي، جنگ ۽ سرد جنگ جي فلسفي تي ??مل پيرا آهن جي هر قوم قيمتي وسيلا لڳائي پوري دنيا کي تباهه ڪرڻ جي صلاحيت رکندڙ مهلڪ ۽ خطرناڪ هٿيار تيار ڪري رهي آهي. هن چيو ته سپر پاورز مهلڪ ۽ طاقتور هٿيارن جي نظام ٺاهڻ تي کربين ڊالر خرچ ڪيا، ان وڏي رقم جو هڪ حصو به مو??مياتي ??بديلين ۽ گلوبل وارمنگ جي اثرن کي گهٽ ڪرڻ ۽ دنيا مان بک ۽ بدحالي کي ختم ڪرڻ ۾ مدد ڏئي سگهيو پئي. صدر چيو ته دنيا جنگ جي هڪ ٻئي مرحلي ۾د اخل ٿي رهي آهي جيڪا ان کان به وڌيڪ تباهي آڻيندڙ، مُوذي ۽ خطرناڪ آهي، سائبر وار فيئر جون صلاحيتون انتهائي تيز رفتاري سان تيار ڪيون پيون وڃن ۽ ان کي ڪنهن به جي مو??صلاتي نيٽ ورڪ کي بي اثر ڪرڻ، ان جي دفاعي نظام کي غيرفعال بڻائڻ، صحت سميت ٻين خدمتن جي فراهمي ۾ خلل وجهڻ جي لاءِ استعم??ل ڪري سگهجي ٿو جيڪو ان کي مڪمل طور تي مفلوج ڪري سگهي ٿو. هن چيو ته سائبر وار فيئر جي تمام گهڻي طاقت کي هوشياري سان انسانيت جي تباهي جي لاءِ نه پر پوري انسانيت جي ترقي ۽ خوشحالي جي لاءِ استعم??ل ڪرڻ گهرجي. ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته مو??وده دور ۾ سوشل ميڊيا تان ”فيڪ نيوز“ پکڙجي رهي آهي جنهن جي نتيجي ۾ تشدد سان گڏوگڏ ملڪن ۽ معاشرن ۾ غلط فهميون پيدا ٿي رهيون آهن جنهن جو مقابلو پا?? سکڻ ۽ تعليم جي ذريعي ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته قومن جي داخلي نظام جو بنياد جمهوري قدرن تي هجڻ گهرجي، ڳالهين، مشاورت ۽ غور فڪر ۽ اتفاق راءِ پيدا ڪرڻ ۽ اڳتي وڌڻ جو رستو طئي ڪرڻ جي لاءِ لاڳاپيل ڌرين کي شامل ڪرڻ گهرجي جڏهن ته قومن جي وچ ۾ ٻطرفا لاڳاپا تڪرارن ۽ اختلافن کي منصفاڻي ۽ شفاف طريقي سان حل ڪرڻ گهرجي. صدر چيو ته مو??وده عالمي نظام کي درپيش وڏن مسئلن ۾ گلوبل وارمنگ ۽ گرين هائوس گئسن جو اخراج شامل آهي جيڪي ڪيترن ئي ڪمزور ملڪن کي خطري ۾ وجهي رهيا آهن ۽ مختلف خطن ۾ ماڻهن جي زندگين ۽ روزگار تي منفي اثر وجهي رهيا آهن. هن چيو ته ترقي يافته ملڪن کي مو??مياتي ??بديلين سان ٿيندڙ نقصان کي پورو ڪرڻ ۽ گرين هائوس گئسن جي اخراج کي روڪڻ جي لاءِ پنهنجي وسيلن کي گڏ ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته ٽيڪنالاجي انهن ملڪن ۾ منتقل ڪرڻ گهرجي جتي ??ن جي سڀ کان وڌيڪ ضرورت آهي، هالينڊ جيڪو پا??ستان کان 19 ڀيرا ننڍو ملڪ آهي پر هو خوراڪ برآمد ڪندڙ دنيا جي سرفهرست ملڪن ۾ شامل آهي. هن چيو ته وڌيڪ پيداوار واري خوراڪ جي مصنوعات، سوڪهڙي کان بچندڙ فصل، پا??ي جي تحفظ، عمودي پوکيءَ ۽ اهڙي قسم جي ٻين جديد طريقن ۾ استعم??ل ڪئي ويندڙ ٽيڪنالاجي غريب ۽ اسرندڙ ملڪن سان پڻ شيئر ڪرڻ گهرجي ته جيئن انهن کي بک، خوراڪ جي کوٽ، اسٽنٽنگ ۽ غذائي عدم تحفظ جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. ان کان اڳ اسلام آباد پاليسي ريسرچ انسٽيٽيوٽ جي صدر سفير ڊاڪٽر رضا محمد صدر جي آجيان ڪئي ۽ شرڪت ڪندڙن کي قومي سلامتي، جيو اسٽريٽجي ۽ عالمي لاڳاپن بابت مختلف مو??وعن تي ٿيندڙ بحث کان آگاهه ڪيو.