اسلام آباد – 02 – ڊسمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات وار?? وفاقي وزير مريم اورنگزيب اسٽيج، فلم ۽ ٽي وي جي ناليواري ??داڪار افضال احمد جي لاڏاڻي تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي چيو ??هي ته افضال احمد پنهن??ي بي ساخته اداڪاري ??ان شائقين کي محظوظ ڪيو، سندس لاڏاڻي سان فلم ۽ ڊراما انڊسٽري ۾ پيدا ٿيندڙ خال ڪڏهن به ڀرجي نه سگهبو. پنهنجي تعزيتي بيان ۾ هن دعا ڪئ?? ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونيئرن کي صبر جميل عطا فرمائي.