اسلام آباد-28 آڪٽوبر (اي پي پي) عالمي ??ئنڪ چيو آهي ته پاڪستان ۾ هاڻوڪي ٻوڏ سبب 30 ارب ڊالرن کان وڌيڪ جو نقصان ٿيو آهي، جڏهن ته تعمير ۽ ٻيهر بحالي لاءِ پاڪستان کي 16 ارب ڊالرن جي ضرورت آهي. اها ڳالهه عالمي ??ئنڪ طرفان جاري ڪيل رپورٽ ۾ چئي وئي آهي. رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب قيمتي جانين جي ضايع ٿيڻ کانسواءِ گهرن، زراعت، چوپائي مال، ٽرانسپورٽ ۽ مواصلات جي شعبن کي شديد نقصان پهتو آهي، انهن شعبن ۾ ترتيبوار 5.6 ارب ڊالر، 3.7 ارب ڊالر ۽ 3.3 ارب ڊالرن جو نقصان ٿيو آهي. رپورٽ موجب سڀ کان وڌيڪ يعني 70 سيڪڙو سنڌ ۾ ٿيو آهي، بلوچستان نقصانن جي حوالي سان ٻي نمبر تي، خيبرپختونخوا ٽئين نمبر ۽ پنجاب چوٿين نمبر تي آهي، رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب پاڪستان ۾ 33 ملين ماڻهو متاثر ٿيا، 1730 ماڻهن جون جانيون ضايع ٿيو، هن وقت به ڪيترن ئي متاثر علائقن ۾ پاڻي بيٺل آهي جنهن سبب پاڻي مان پيدا ٿيندڙ بيماريون پکڙجي رهيون آهن، هن وقت 8 ملين بي گهر ماڻهن کي صحت جا مسئلا سامهون آهن. رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو آهي ته هاڻوڪي ٻوڏ سبب زراعت ?? چوپائي مال جي شعبن سان لاڳاپيل عورتون وڌيڪ متاثر ٿيون آهن، عالمي ??ئنڪ ٻڌايو آهي ت?? حڪومت متاثر ڪميونٽيز کي فوري رليف ۽ جلد بحالي ۾ مدد فراهم ڪري رهي آهي، ته جيئن ميڪرو اڪنامڪ ۽ مالياتي استحڪام کي يقيني بڻائي سگهجي.