اسلام آباد – 21 – آڪٽوبر (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو آهي ت?? ڪجهه اقتدار جا بکيا سياستدانن نوجوانن کي پنهنجي تعصباڻي ايجنڊا جي لاءِ استعمال ڪري رهيا آهن، نوجوا??ن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري ضروري آهي، حڪومت ايندڙ ڏينهن ۾ ان ڏس ۾ تمام گهڻن قدمن جو اعلان ڪندي. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته قومون نوجوانن سان مضبوط ٿينديُون آهن ۽ انهن جي صلاحيتن سان مستقبل جو تعين ٿيندو آهي، نوجوا??ن جي ترقي جي لاءِ سيڙپڪاري ضروري آهي اقتدار جي بکين سياستدانن نوجوانن کي پنهنجي تعصباڻي ايجنڊا جي لاءِ استعمال ڪرڻ ۾ ڪوبه عيب نه ٿا سمجهن جيڪا بدقسمتي آهي، وزيراعظم محمد شهباز شريف چيو ته پنجاب ۾ اسان جي حڪومت نوجوا??ن جي ترقي جي لاءِ ??يترائي قدم کنيا هيا ۽ گذريل ڏينهن ۾ به حڪومت نوجوانن کي بااختيار بڻائڻ لاءِ ??يترائي قدم شروع ڪيا آهن جنهن جي ذريعي هو پنهنجو روزگار ڪمائڻ جي قابل ٿيندا، اها اڃان شروعات آهي ايندڙ ڪجهه هفتن ۽ مهينن ۾ حڪومت نوجوا??ن جي ترقي جي لاءِ ??يترائي قدم کڻندي.