اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته اسٽريٽ چلڊرن ۽ 20 ملين کان وڌيڪ اسڪول نه ويندڙ ٻارن کي باقاعده تعليم جي ڌارا ۾ شامل ??رڻ ??نه?? کي قيمتي انساني وسيلن ۾ ت??دي?? ??رڻ جي لاءِ انتهائي اهميت رکندڙ آهي. صدر اهڙن خيالن جو اظهار انڊر 16 اسٽريٽ چلڊرن جي ٽيم ۽ مسلم هينڊز جي عهديدارن سان ڳالهائيندي ڪيو. اها ٽيم اسٽريٽ چلڊرن ورلڊ ڪپ قطر 2022ع ۾ پاڪستان جي نمائندگي ڪندي. صدر مسلم هينڊز پاران بي سهارا ٻارن جي مدد، ??نه?? کي صحتمند ۽ تعميري ??رگرمين ۾ شامل ڪرڻ، مناسب تربيت، تعليم، سماجي ۽ مواصلاتي مهارتن ۽ اعتماد سان گڏوگڏ فٽ بال ٽورنامينٽس ۾ عالمي سطح تي مقابلو ??رڻ جو موقعو فراهم ??رڻ جهڙن قدمن کي ساراهيو. هن ٽيم جي ڪاميابين کي ساراهيندي چيو ته اهڙا قدم هاڪي ۽ ڪٻڊي جهڙين ٻين راندين جي فروغ لاءِ پڻ کڻڻ گهرجن. صدر چيو ته جيتوڻيڪ حڪومت ڪيترائي قدم کڻي رهي آهي پر پٺتي پيل ٻارن کي صحتمند سرگرمين ۾ شامل ??رڻ جي لاءِ پرائيويٽ سيڪٽر، اين جي اوز ۽ سول سوسائٽي جي تعاون جي ضرورت آهي. هن چيو ته غير مراعت يافته ٻارن کي تعليم، تربيت ۽ ضروري هنر جي ذريعي سازگار ماحول فراهم ڪيو وڃي ته جيئن اهي پنهنجي پوري ??لاحيت جو ادراڪ ڪري ??گهن. صدر پاڪستان اسپورٽس بورڊ کي هدايت ڪئي ته اسٽريٽ چلڊرن کي راندين جي سرگرمين ۾ شامل ڪيو وڃي ته جيئن ??نه?? جي ڪردارسازي ۽ اعتمادسازي سان گڏوگڏ تربيت جي ذريعي ??نه?? کي عالمي معيار جا رانديگر بڻجڻ ۾ مدد فراهم ڪئي وڃي. هن چيو ته پاڪستان راندين سان محبت ڪندڙ ملڪ آهي ۽ فٽ بال جي راند به ملڪ جي ڪنڊڪڙڇ ۾ هڪ جهڙي مقبول آهي. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته راندين جو فروغ اسان جي نوجوانن کي ذهني دٻاءُ کي گهٽ ??رڻ ۽ صحتمند زندگي گذارڻ ۾ مدد ڏئي سگهي ٿو. هن چيو ته ملڪ جي 60 سيڪڙو آبادي نوجوانن تي ٻڌل آهي. ??نه?? کي جديد ترين آءِ ٽي ٽولز ۽ تربيت سان ليس هجڻ گهرجي ته جيئن اهي ملڪ جا ڪارائتا شهري ??ڻجي سگهن. صدر پاڪستان فٽ بال فيڊريشن تي پڻ زور ڏنو ته اها ننڍن ننڍن اختلافن کي هڪ طرف رکندي راند جي ترقي تي ڌيان ڏي. ان کان اڳ مسلم هينڊز برطانيا جي ڊائريڪٽر راجا ارسلان نصرت صدر کي بريفنگ ڏيندي ٻڌايو ته سڄي ملڪ ۾ 15 کان وڌيڪ ڪميونٽيز ۾ 1000 کان وڌيڪ ٻار ”ٻارن جو راند جو حق“ جي نعري ??حت راندين جي سرگرمين ۾ شريڪ آهن. هن ٻڌايو ته اسٽريٽ چلڊرن تي ٻڌل فٽ بال ٽيم قطر ۾ ٿيندڙ اسٽريٽ چائلڊ فٽ بال ورلڊ ڪپ ۾ حصو وٺندي. ان موقعي تي صدر قومي جهنڊو پڻ ٽيم جي ڪپتان کي ڏنو.