نيويارڪ – 19 – سيپٽمبر (اي پي پي) پاڪستان جو پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري گڏيل قومن جي جنرل ??سيمبلي جي 77 هين اجلاس ۾ شرڪت جي لاءِ نيويارڪ پهچي ويو. گڏيل قومن ۾ پاڪستان جي مستقبل نمائندي منير اڪرم، آمريڪا ۾ پاڪستان جي سفير مسعود خان، نيويارڪ ۾ قونصل جنرل ??ائ??ه علي ۽ گڏيل قومن ۾ پاڪستاني مشن ۽ قونص??يٽ جنرل ??ي عملدارن پرڏيهي وزير جو استقبال ڪيو. اجلاس ۾ سڄي دنيا مان اٽڪل 140 اڳواڻ شريڪ ٿيندا. واضح رهي ته پرڏيهي وزير ثمرقند ۾ شنگهائي تعاون تنظيم جي سربراهي اجلاس ۾ شرڪت کانپوءِ آچر جي صبح واشنگٽن پهتو هو. پرڏيهي وزير بلاول ڀٽو زرداري جي – 77 ۽ چين جي پرڏيهي وزيرن واري سالياني اجلاس ۽ او آءِ سي پرڏيهي وزيرن واري سالياني ڪوآرڊينيشن اجلاس جي صدارت سان گڏوگڏ ڪيترن ئي اعليٰ سطحي اجل??سن ۾ شرڪت سميت ڪيترن ئي ملڪن جي پرڏيهي وزيرن سان ملاقاتون، ٿنڪ ٽينڪ کي خطاب ۽ ڄمون ۽ ڪشمير بابت او آءِ سي رابطا گروپ جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو.