اسلام آباد – 09 – سيپٽمبر (اي پي پي) وز??راعظم محمد شهباز شريف سان سيالڪوٽ سان تعلق رکندڙ واپارين ۽ صنعتڪارن جي هڪ وفد اسلام آباد ۾ ملاقات ڪئي ۽ ٻوڏ متاثرين جي لاءِ پرائم منسٽر ريليف فنڊ لاءِ چيڪ پيش ڪيو. وز??راعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب ملاقات ۾ دفاع وارو وفاقي وز??ر خواجه محمد آصف پڻ موجود هو. وفد ۾ سيالڪوٽ انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو چيئرمين خواجه مسعود اختر، سيالڪوٽ چيمبر آف ڪامرس اينڊ انڊسٽري جو صدر ميان عمران اڪبر، الغازي ٽريڪٽرز جو سي اي او ملڪ احتشام اڪ??ام ۽ ٻيا صنعتڪار ۽ واپاري شامل هئا. وفد ٻوڏ متاثرين جي لاءِ وڏي رقم جو عطيو وز??راعظم کي پيش ڪيو. وفد پاران راشن ۽ ٻين ضرورت جي شين جي صورت ۾ امدادي سامان پڻ ٻوڏ سٽيلن جي لاءِ عطيو ڪيو ويو. وفد وز??راعظم کي ٻڌايو ته سيالڪوٽ جي واپاري برادري متاثر علائقن جي ماڻه?? کي نوڪريون ڏيڻ جي حڪمت عملي پڻ ٺاهي آهي ۽ ٻوڏ کان متاثر علائقن ۾ گهرن جي تعمير جي لاءِ پڻ سيالڪوٽ جي واپاري برادري پنهنجو ڪردار ادا ڪندي. وز??راعظم وفد پاران عطيي کي ساراهيندي چيو ته هن آفت کي منهن ڏيڻ جي لاءِ هر طبقي جي ماڻه?? کي اڳتي اچڻو پوندو ۽ ان ڏس ۾ خاص طور تي واپارين ۽ صنعتڪارن جو تمام اهم ڪردار آهي. هن چيو ته ٻوڏ جي ڪري تمام گهڻو جاني ۽ مالي نقصان ٿيو آهي، قيمتي انساني جانين کانسواءِ ٻوڏ پاڻ سان گڏ فصلن، چوپائي مال ۽ مواصلاتي انفراسٽرڪچر کي پڻ وهائي ويو. هن چيو ته وفاقي حڪومت پاران ٻوڏ سٽيل?? کي في خاندان 25 هزار رپيا انتهائي شفاف طريقيڪار جي ذريعي ڏنا پيا وڃن ۽ ان مد ۾ وفاقي حڪومت 70 ارب رپين جي رقم رکي آهي.