اسلام آباد – 12 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات ۽ نشريات و??ري وفاقي وزير مريم اورنگزيب عمر??ن خان کي تڪبر ۽ خودپسندي جو ذهني مريض هجڻ سبب خطرناڪ قرار ڏيندي چيو آهي ته عمر??ن خان کي ڪنهن اداري، ان جي سربراهه يا جج کي گاريون ڏيڻ ۾ ڪو شرم نه آهي، عدالتن کي خبر هجڻ گهرجي ته عمر??ن خان کي نه ندامت آهي ۽ نه ئي شرمندگي، بزدل، انا پرست، خوش پسندي ۽ تڪبر ۾ ٻڏل شخص خطرناڪ ئي هوندو آهي، هو هڪ نڪ نرڄو، فسادي ۽ بي شرم انسان آهي، جيڪو کلي ڪوڙ ڳالهائي ٿو، ٻوڏ تي سياست ڪري ٿو، قوم ۽ ميڊيا کي اپيل آهي ته خود پسند، انا پرست ماڻهو بدران ٻوڏ متاثرين طر?? ڌيان ڏين. پنهنجي بيان ۾ مريم اورنگزيب چيو ته متاثرين هن وقت ٻوڏ جي تڪليف ۾ آهن، انهن پاڪستاني رهواسين جي ??دد تي ئي قوم ۽ ميڊيا پنهنجو ڌيان ڏي. هن چيو ته عمر??ن خان ٻوڏ متاثرين جي جذبن سان کيڏي انتشار پکيڙڻ چاهي ٿو، اهو بيمار ذهنيت وارو شخص ٻوڏ متاثرين جي اٽي تي به سياست ڪري ٿو، هي پنهنجي گهٽيا سياست جي ??اءِ ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ چاهي ٿو. هن چيو ته اها بيمار ذهنيت آهي جيڪو سمجهي ٿو ته آئون وزيراعظم نه آهيان ان لاءِ ٻوڏ متاثرين جي ??دد نه ڪندس، ڪڏهن آءِ ايم ايف پروگرام جي بحالي روڪرائي ٿو، ڪڏهن ٻوڏ متاثرين جي امداد روڪرائڻ جي گهٽيا ڪوشش ڪري ٿو، هي اهو ئي ذهني بيمار آهي جيڪو پنهنجي سياست جي ??اءِ شهيدن جي خلاف سوشل ميڊيا تي زهريلي مهم هلائي ٿو.