سرينگر – 31 – آگسٽ (اي پي پي) ڀارت جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قائد حريت ۽ تحريڪ آزادي ڪشمير جي علامت سيد علي گيلاني ??دائين ڪشمير تڪرار کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪشم??ري?? جي امنگن موجب حل ڪرڻ جي وڪالت ڪئي آهي. ڪشمير ميڊيا سروس موجب سيد علي گيلاني ??ڄي زندگي ڄمون ۽ ڪشمير جي عوام جي خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ جدوجهد ڪئي. پنهنجي ڪيترين ئي تقريرن ۽ خطابن ۾ هن چيو ته گڏيل قومن جي قراردادن موجب ڄمون ۽ ڪشمير هڪ تڪراري علائقو آهي ۽ ڪشم??ري?? کي اهو فيصلو ڪرڻ جي اجازت هجڻ گهرجي ته اهي ڀارت سان گڏ رهڻ چاهين ٿا يا پاڪستان سان الحاق ڪرڻ چاهين ٿا. هن جو چوڻ هو ته ڪشميري ڀارت کان عليحدگي جو مطالبو نه ڪري رهيا آهن پر ڄمون ۽ ڪشمير جي آزادي چاهين ٿا جيڪو ڪڏهن ڀارت جو حصو ناهي رهيو.