اسلام آباد– 30 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف جي اپيل تي سرندي وارن ٻوڏ متاثرين جي لاءِ 2 ڪروڙ رپيا امداد ڏئي ڇڏي ??هي جڏهن ته وزيراعظم چيو آهي ته ٻوڏ ۾ گهيريل مصيبت سٽيل ماڻهن جي مدد ڪرڻ عبادت کان گهٽ نه آهي، ملڪ ۾ لکين ماڻهو هن وقت بي گهر آهن، فوري ريس??يو ۽ امداد کانپوءِ بنيادي ڍانچي جي بحالي هڪ تمام وڏو چئلينج آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن ايوان صنع?? ۽ ??اپار اسلام آباد جي وفد سان ڳالهائيندي ??يو جنهن وزيراعظم سان هتي ملاقات ڪئي. ملاقات ڪندڙن ۾ ايوان صنع?? ۽ ??اپار اسلام آباد جو صدر شڪيل منير، جمشيد اختر شيخ، محمد فهيم خان، ميان شوڪت مسعود، احسن بختاوري، زبير احمد ملڪ، طارق صادق، عامر وحيد، اظهر الاسلام، ??وڌري جاويد اقبال، راڻا قيصر، اختر حسين، حنيف عباسي ۽ ٻيا شامل هئا. ملاقات ۾ شرڪت ڪندڙن وزيراعظم کي ٻوڏ متاثرين جي لاءِ هنگامي بنيادن تي ريس??يو ۽ ريليف جي ڪاررواين تي خراج تحسين پيش ??يو ۽ حڪومت جي قدمن کي ساراهيو. وزيراعظم چيو ته جيڪي ماڻهو متاثرين جي مدد ۾ اڳتي آهن اهي انصار مدينه جي سنت تي عمل ڪري الله تعاليٰ جي خوشنودي حاصل ڪري رهيا آهن، منهنجي قوم کي اپيل آهي ته انهن سرندي وارن وانگر وڌي چڙهي ٻوڏ متاثرين جي مدد ۾ پنهنجو حصو وجهن، تازي ٻوڏ پاڪستان جي تاريخ کان وڏي ٻوڏ آهي. وزيراعظم چيو ته سڄي ملڪ ۾ لکين ماڻهو هن وقت ٻوڏ جي ڪري بي گهر آهن، 11 سئو کان وڌيڪ ماڻهو فوت ۽ 15 سئو کان وڌيڪ ماڻهو زخمي آهن، حڪومت ترجيحي بنيادن تي ماڻهن کي ريس??يو ڪري رهي آهي، حڪومت فوري طور تي ٻوڏ متاثرين کي 25 هزار رپيا روڪ فراهم ڪرڻ شروع ڪيا اهن، حڪومت ٻوڏ متاثرين کي راشن، صاف پاڻي، خيما، مڇردانيون فراهم ڪري رهي آهي، دوست ملڪن ۽ عالمي ادارن ۽ تنظيمن جا ٿورائتا آهيون جو اهي ٻوڏ کان متاثر پاڪستانين جي مدد جي لاءِ اڳتي وڌيا. هن چيو ته فوري ريس??يو ۽ امداد کانپوءِ ماڻهن ۽ انفراسٽرڪچر جي بحالي هڪ وڏو چئلينج آهي، حڪومت ٻوڏ متاثرين جي مدد ۽ بحالي جي لاءِ سمورا وسيلا استعمال ۾ آڻي رهي اهي، مصيبت ۾ ورتل پاڪستانين جي مدد اسان سڀني جو فرض آهي، آئون ٻوڏ متاثرين جي مدد لاءِ مالي امداد فراهم ڪندڙ سرندي وارن جو ٿورائتو آهيان.