اسلام آباد – 09 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم شهباز شريف چيو آهي ته عاشو??ي جو ڏهاڙو باطل جي اطاعت کان انڪار ۽ حق جي سربلندي لاءِ سينو تاڻي بيهڻ جو ابدي درس آهي، اسلام اڄ انهن ئي قربانين جي ڪري زندهه آهي، عاشو??ي جو ڏهاڙو حق ۽ باطل جي لازوال معرڪي جي ياد ڏياري ٿو. عاشو??ي جي ڏهاڙي جي موقعي تي ق??م جي نالي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي خاندان جي عظيم قرباني حق ۽ باطل ۽ ظالم ??ظل??م جي وچ ۾ هڪ لڪير ڪڍي ڇڏي، عظيم امام هڪ اخلاقي اصول قائم ڪيو جنهن خودمختيا??ي جي حق جي جدوجهد کي متحرڪ ڪري ڇڏيو. وزيراعظم چيو ته حضرت امام حسين رضه بي آوازن جو آواز ۽ اتحاد، اخوت، اخلاق ۽ سچائي جو علمبردار آهي، انهن جي مزاحمت ۽ بهاد??ي جو پيغام برابري ۽ آزادي جي آفاقي اصولن جي بنياد تي انسانيت کي اخلاقي عالمي نظام جي خواهش جو درس ڏيندو رهندو. وزيراعظم چيو ته جڏهن انسانيت ڪيترن ئي چئلينجن مان گذري ٿي ۽ انهن رڪاوٽن کي ٽوڙڻ جي ڪوشش ڪري ٿي جن ۾ اها پاڻ کي ڏسي ٿي، ان کي حضرت امام حسين رضه ۽ ان جي ساٿين جي مثالي ڪردار مان رهنمائي حاصل ڪرڻ گهرجي جيڪ?? صبر، وفاداري، اتحاد ۽ روادا??ي جي خوبين وسيلي ورڇ، افراتفري ۽ انتشار جي ق??تن کي شڪست ڏئي سگهي ٿي.