لاهور – 05 – آگسٽ (اي پي پي) مرڪزي چنڊ ڏس??ي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو آهي ته اسان سڀني کي گڏجي والاريل ڄمون ۽ ڪشمير جي مسلمانن لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. ڪشمير استحصال ڏهاڙي جي مو??عي تي جاري بيان ۾ مرڪزي چنڊ ڏس??ي ڪميٽي جي چيئرمين مولانا عبدالخبير آزاد چيو ته ڀارت پاران ڪشمير جي مسلمانن کي ظلم ۽ ڏاڍ جو نشانو بڻايو پيو وڃي، اسان کي هر پليٽ فارم تي ڪشمير جي مسئلي کي اجاگر ڪرڻو آهي. مرڪزي رويت ه??ال ڪميٽي جي چيئرمين عوام کي اپيل ڪئي ته اسان سڀني کي گڏجي ڪشمير ۽ ڀارت جي مسلمانن جي حقن جي لاءِ آواز اٿارڻ گهرجي. هن چيو ته گڏيل قومون پنهنجي قراردادن موجب ان مسئلي کي حل ڪري ته جيئن ڪشميري آ??ادي سان پنهنجي زندگي گذاري سگهن.