اسلام آباد – 04 – آگسٽ (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف ڪشميري عوام کي انهن جي جائز خودمختياري جو حق حاصل ڪرڻ جي لاءِ پاڪستان جي هر ممڪن حمايت جي خاطري ??رائيندي ان ڳالهه تي زور ڏنو آهي ته گڏيل قومن جي قراردادن ۽ ڪ??ميري عوام جي خواهشن موجب ڪشمير تڪرار جي پرامن حل سان ئي ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام حاصل ڪري سگهجي ٿو، گڏيل قومن جي ايجنڊا تي موجود ڄمون ۽ ڪ??مير جو پراڻو تڪرار فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. اڄ جمعي ڏينهن 5 آگسٽ تي ملهائجندڙ استحصال ڏهاڙي جي موقعي تي پنهنجي پيغام ۾ وزيراعظم چيو ته ڀارت ??اران 5 آگسٽ 2019ع جي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ غيرقانوني ۽ هڪطرفي قدمن، مسلسل غيرانساني فوجي گهيراءُ ۽ ڪ??ميري عوام جي ناقابل بيان مصيبتن تي بي حسي کي جاري رکندي ٽي سال گذري ??ڪا آهن. بي جي پي – آر ايس ايس جي اثر هيٺ ڀارتي حڪومت چوٿين جنيوا ڪنو??نش?? سميت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ عالمي قانونن جي واضح خلاف ورزي ڪري رهي آهي ۽ غيرقانوني والاريل ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ آبادياتي ڍانچي کي تب??يل ڪرڻ جي لاءِ پنهنجي هندوتوا ايجنڊا کي نڪ نرڄائي سان اڳتي وڌائي رهي آهي، ڀارت جي آبادڪاري جي شيطاني سوچ جو محرڪ تڪراري علائقي تي مستقل طور تي قبضو ۽ ڪ??ميرين جي جدا تشخص کي ختم ڪرڻ جي ڪوشش آهي. وزيراعظم چيو ته ڀارتي قابض فوج 5 آگسٽ 2019ع کان غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ اضافي فوجين جي مقرري ۽ ميڊيا تي غيرمعولي پابنديون هڻي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير کي دنيا جي سڀ کان وڏي جيل ۾ تب??يل ڪري ??ڏيو آهي. هن چيو ته غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حقن جي صورتحال گذريل ٽن سالن دوران سنگين طور تي خراب ٿي آهي، ڪشميري عوام اڃا تائين فوجي گهيراءُ ۾ آهي، ان جي سينيئر قيادت بدستور قيد آهي ۽ انهن جا نوجوان ڀارتي قابض فوج پاران گهيراءُ ۽ تلاشي، آپريشنز جي ذريعي انڌاڌند عدالت کان مٿانهين قتل جو نشانو بڻيل آهن، حقيقت ۾ ڪشميرين کي انهن جي بنيادي حقن ۽ آزادين کان مسلسل محروم رکيو پيو وڃي. شهباز شريف چيو ته اميد جي عين موجب ڪشميري عوام انتهائي جرئت ۽ بهادري سان پنهنجي خلاف ڀارتي ظلمن جي مهم کي ناڪام بڻايو آهي، پاڪستان ڪشميرين جي جائز مقصد کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ انهن جي هر ممڪن حمايت ڪئي آهي، پارليامينٽ ميمبرن، صحافين، انساني حقن جي ڪارڪنن، عالمي انساني حقن جي تنظيمن ۽ عالمي برادري جي ميمبرن غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ انساني حقن جي جاري سنگين خلاف ورزين تي مسلسل آواز اٿاريو آهي، ڀارت ??ڪ ڀيرو ٻيهر هڪ جارح ۽ غاصب طور دنيا جي آڏو بي نقاب ٿي ويو آهي. هن چيو ته اها ڳالهه وڏي افسوسناڪ آهي ته غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ ڀارت انساني وقار، انصاف ۽ انصاف جي عالمي تصويرن جي کليل خلاف ورزي ڪري رهيو آهي، غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جي ماڻهن جي پنهنجي خودمختياري جي حق جنهن جي ضمانت گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي ڪيترين ئي قراردادن تحت ڏني وئي آهي کي حاص ڪرڻ جي منصفاڻي جدوجهد کي ڀارتي قابض فوج پاران طاقت جي وحشياڻي استعمال جي ذريعي دٻايو پيو وڃي. وزيراعظم چيو ته اها ڪشميري عوام جي بي مثال قوت ارادي ۽ همت آهي جنهن انهن کي دهشتگردي ۽ محڪوم بڻائڻ جي هر ڀارتي ڪوشش جو مقابلو ڪرڻ جي قابل بڻايو آهي. ڀارت ??نهنجي سموري ??اڍ، تشدد ۽ ڌمڪائڻ جي حربن جي باوجود انهن جي آزادي جي تڙپ کي وسائڻ ۽ انهن جي مقامي ۽ جائز مزاحمت کي ڪچلڻ ۾ ناڪام رهيو آهي. هن چيو ته ڄمون ۽ ڪ??مير جو تڪرار 7 ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي کان گڏيل قومن جي ايجنڊا تي آهي. ان پراڻي تڪرار کي فوري ۽ ذميواري جي احساس سان حل ڪرڻ گهرجي. هن چيو ته جيئن ئي غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير جو گهراءُ چوٿين سال ۾ داخل ٿي رهيو آهي، ڪشمير جي عوام جون نظرون ڀارتي ظلمن جي خاتمي لاءِ عملي قدم کڻڻ جي لاءِ انهن تي ڄمي ويون آهن جيڪي بنيادي حقن ۽ آزادين نيز انساني وقار جا علمبردار آهن. هن ان ڳالهه تي زور ڏنو ته حقيقت ۾ عالمي برادري ??ي ڀارت تي انساني حقن جي خلاف ورزين کي روڪڻ، آبادياتي تب??يلين ۽ غيرقانوني قبضي هيٺ ڄمون ۽ ڪ??مير ۾ 5 آگسٽ 2019ع جي ڀارتي غيرقانوني قدمن کي روڪڻ جي لاءِ دٻاءُ وجهڻ گهرجي ته جيئن ڪشميرين کي گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي لاڳاپيل قراردادن تي فوري عملدرآمد ذريعي پنهنجي خودمختياري جي حق کي استعمال ڪرڻ جي قابل بڻائي سگهجي. شهباز شريف چيو ته پاڪستان پنهنجي انهن ڪشميري ??ائرن ۽ ڀينرن جو آواز بڻجندو جيڪي مسلسل لازوال قربانيون ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته پاڪستان انهن جي جائز حقن کي مڪمل حاصل ڪرڻ جي لاءِ هر ممڪن حمايت فراهم ڪندو، اسان کي ان ۾ ڪو شڪ نه آهي ته ڏکڻ ايشيا ۾ پائيدار امن ۽ استحڪام، گڏيل قومن جي سلامتي ڪائونسل جي قراردادن ۽ ڪ??ميري عوام جي خواهشن موجب ڄمون ۽ ڪ??مير جي تڪرار جي پرامن حل سان ئي حاصل ڪري سگهجي ٿو.