اسلام آباد – 12 – مئي (اي پي پي) پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري سان آمريڪي ناظم الامور اينج??ا ايگلر الوداعي ملاقات ڪئي. پرڏيهي آفيس جي ترجمان پاران جاري ٿيندڙ بيان موجب پرڏيهي وزير بل??ول ڀٽو زرداري پاڪ آ??ريڪا لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جي عزم جو اظهار ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ڪمپنين کي پاڪستان ۾ سيڙپڪاري ڪرڻ جي دعوت ڏني. پرڏيهي وزير پاڪستان کي 64 ملين ڪوويڊ ويڪسين جي خوراڪ فراهم ڪرڻ جي ورجاءُ تي آمريڪا جا ٿورا مڃيا. هن رخصت ٿيندڙ آمريڪي ناظم الامور اينج??ا ايگلر کي پاڪ آ??ريڪا لاڳاپن جي مضبوطي جي لاءِ خدمتن تي کيس خراج تحسين پيش ڪيو. پرڏيهي وزير آمريڪي ناظم الامور جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.