اسلام آباد – 26 – اپريل (اي پي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر را??ا پرويز اشرف چ??و آهي ته پاڪستان علائقائي ترقي، واپار، توانائي ۽ معيشت جي استحڪام لاءِ قطر سان ترجيح بنيادن تي حصيداري چاهي ٿو، تعليم جي شعبي ۾ 10 لک پاڪستاني ٻارن کي تعليمي س??ولتون فراهم ڪرڻ تي قطري حڪومت جا ٿورائتا آهيون.
اسپيڪر سان قطر جي س??ير شيخ سعود بن عبدالرحمان بن الفيصل الثاني پارليامينٽ هائوس ۾ ملاقات ڪئي جنهن ۾ ٻطرفي لاڳاپن سميت گڏيل دلچسپي جي معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي. اسپيڪر را??ا پرويز اشرف چيو ته پاڪستان ڀائر اسلامي ملڪ قطر سان پارلياماني را??طن ۽ دوستاڻي لاڳاپن کي وڌيڪ فروغ ڏيڻ جو خواهشمند آهي، ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ پارلياماني وفدن جي مٽاسٽا سان هڪ ٻئي جي تجربن مان فائدو حاصل ڪري سگهون ٿا، قطر جي س??ير چيو ته قطر پاڪستان سان پنهنجي ڀائراڻي لاڳاپن کي اهميت ڏي ٿو، قطر پاڪستان سان سماجي ۽ اقتصادي شعبن ۾ تعاون جو خواهشمند آهي، قطر 10 لک ٻارن کي تعليمي س??ولتون فراهم ڪرڻ ۾ پاڪستان جي مدد ڪندو، هن چيو ته قطري فرمز پاڪستان ۾ سيڙپڪاري کي فروغ ڏيڻ ۾ گهري دلچسپي ر??ن ٿا، پاڪستان ۾ اقتصادي ترقي جي لاءِ قطر هر ممڪن تعاون جاري رکندو، قطر ۾ رهندڙ پرڏيهي پاڪستاني قطر جي تعمير ۽ ترقي ۾ اهم ڪردارا دا ڪري رهيا آهن