اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) وزيراعظم محمد شهباز شريف پاڪستان تحريڪ انصاف جي چيئرمين عمران خان جي فول پروف سيڪيورٽي ي??ين?? بڻائڻ جو حڪم ڏنو آهي جنهن تي فوري ڪارروائي ڪندي گهرو وزارت اڳوڻي وزيراعظم جي سيڪيورٽي جي لاءِ سخت حفاظتي قدمن جي هدا??ت ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ پاران جاري بيان موجب وزيراعظم محمد شهباز شر??ف عمران خان کي سيڪيورٽي ٿريٽ ج?? اطلاع تي گهرو وزارت کي فوري ۽ موثر قدم کڻڻ جي سخت هدايت جاري ڪندي گهرو وزير راڻا ثناءُ الله کي ذاتي طور تي نگراني ڪرڻ ۽ حڪمن تي عملدرآمد ي??ين?? بڻائڻ جو حڪم ڏنو. وزيراعظم جي حڪمن تي گهرو وزارت فوري طور تي حرڪت ۾ اچي وئي آهي ۽ چئني صوبن کانسوا??ِ آزاد ڪشمير ۽ گلگت بلتستان جي هوم سيڪريٽرين کي هنگامي خط لکيا ويا آهن جنهن ۾ عمران خان جي لاءِ سخت حفاظتي قدم ي??ين?? بڻائڻ جي هدا??ت ڪئي وئي آهي. گهرو وزارت آءِ جي ۽ چيف ڪمشنر اسلام آباد کي پڻ ان سلسلي ۾ ضروري هدايتون جاري ڪيون آهن. پنهنجي هنگامي خط ۾ گهرو وزارت چيو آهي ته سڄي ملڪ ۾ عمران خان جتي به وڃي ان جي سخت سيڪيورٽي کي ي??ين?? بڻايو وڃي. گهرو وزارت عمران خان جي بني گالا رهائشگاهه تي بم ناڪاره بڻائڻ سميت ٻين ضروري سيڪيورٽي قدمن ي??ين?? بڻائڻ جي پڻ هدا??ت ڪئي آهي. گهرو وزارت هدا??ت ڪئي آهي ته عمران خان جي جلسن، جلوسن ۽ عوامي سرگرمين جي دوران سيڪيورٽي بابت ڪا ڪوتاهي برداشت نه ڪئي ويندي.