اسلام آباد – 21 – اپريل (اي پي پي) اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير مريم اورنگزيب چيو آهي ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪابينا ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ??رعزم آهي، سڄي د??يا جي ملڪن مان مبارڪباد وارا پيغام بهتري جي نشاندهي ڪري رهيا آهن. پنهنجي بيان ۾ اطلا??ات ۽ نشريات واري وفاقي وزير چيو ته ملڪي ترقي جو سفر جتي ختم ٿيو هو اتان شروع ٿيو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي پنهنجي عهدي جا پهريان 10 ڏينهن ترقي ۽ خوشحالي طرف وڌندڙ پاڪستان جي نويد ڏئي رهيا آهن. هن چيو ته ملڪي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو آهي ته مختلف پارٽين سان تعلق رکندڙ ڪابينا جا ميمبر ملڪي ترقي جي لاءِ گڏجي ڪم ڪرڻ جي لاءِ ??رعزم آهن. سندس چوڻ هو ته سڄي د??يا جي ملڪن مان سفيرن جا وزيراعظم کي مبارڪباد وارا پيغام اٽڪل ??ار سالن کانپوءِ ??رڏيهي پاليسي جي بهتري طرف وڃڻ جي واضح نشاندهي ڪري رهيا آهن، موجوده حڪومت کي نه رڳو عوامي پر دوست ملڪن جو اعتماد پڻ حاصل آهي.