اسلام آباد – 27 جنوري (اي پي پي) سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي جي چيئرمين سينيٽر فيصل جاويد چيو آهي ته آزادي صحافت تي ڪنهن قسم جو پابندي نه لڳڻ گهرجي، صحافين جي تحفظ جي بل ۾ ميڊيا ??رڪرز جي تعريف ۾ ڪئميرا مين ۽ ڊرائيورز کي به شامل ڪرڻ گهرجي، اليڪٽرانڪ ميڊيا جي ورڪرز جي تحفظ لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون. اها ڳالهه هن سينيٽ جي اطلاعات ۽ نشريات بابت اس??ينڊنگ ڪميٽي جي اجلاس جي صدارت ڪندي چئي. اجلاس ۾ سينيٽر سليم مانڊوي والا، سينيٽر عرفان صديقي سميت ٻين ميمبرن شرڪت ڪئي، ڪميٽي جي اجلاس ۾ صحافين جي تحفظ جي بل تي غور ڪيو ويو، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر فيصل جاويد چيو ته اسان پهرين به اهڙو بل آڻي چڪا آهيون جنهن جو مقصد صحافين جي شڪايت جي ازالي لاءِ هڪ پليٽ فارم مهيا ڪرڻ هو، هن چيو ته صحافتي تنظيمن کي ڪميٽي جي اجلاس ۾ گهرايو ويندو، هن چيو ته حڪومت سمورن صحافين ۽ عام ماڻهن کي صحت ڪارڊز جي ذريعي مفت علاج جي سهولت فراهم ڪري رهي آهي، اسان سنڌ ۾ به صحت ڪارڊ جي سهولت فراهم ڪرڻ چاهيون ٿا، هن چيو ته ڪميٽي پهرين ئي تجويز ڏئي چڪ?? آهي ته موجوده قانونن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ گهرجي، اسان ميڊيا ??ونينز ۽ جوائنٽ ايڪشن ڪميٽي کي گڏجاڻي لاءِ گهرائينداسين، هن چيو ته اليڪٽرانڪ ميڊيا ??رڪز جي تحفظ جي لاءِ قدم کڻڻ لاءِ تيار آهيون، سينيٽر فيصل جاويد چيو ته حڪومتي کا??ن طرفان جيڪي به ادائيگيون ميڊيا کي اشتهارن جي مد ۾ ٿيڻون آهن، ان جا تفصيل فراهم ڪيا ??ڃن، ڪميٽي جي چيئرمين چيو ته ميڊيا ??الڪن ايترو منافعو ڪمائي رهيا آهن ته ميڊيا ??رڪرز جون پ??ها??ون به وڌڻ گهرجن، هن اجلاس کي ٻڌايو ته پي ٽي وي اس??ورٽس کي ايڇ ڊي ڪيو ويو آهي، اجلاس ۾ ڳالهائيندي سينيٽر عرفان صديقي چيو ته اسان کي صحافين لاءِ فائديمند ميڪنزم بڻائڻ جي ضرورت آهي، سينيٽر سليم مانڊوي والا چيو ته اسان چاهيون ٿا ته ان ترميم جي ذريعي جيڪا به ڪميشن ٺهي ان کي بااختيار ڪيو وڃي، هن چيو ته ميڊيا ??رڪرز جي ڀلائي ۽ بهتري جو خيال رکڻ گهرجي.