اسلام آباد – 13 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان سان قومي اسيمبلي ميمبر ڊاڪٽر ??ميش ڪمار وانڪواڻي هتي ملاقات ڪئي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب ملاقات ۾ ڊاڪٽر ??ميش ڪمار وزيراعظم کي ريليجئس ٽورازم ۽ هندو ياترين جي وفدن جي آمد ۽ انهن ??ي قيام دوران حڪومت پاران بهترين انتظامن کان آگاهه ڪيو. هن وزيراعظم عمران خان کي پاڪستان کان هندستان ويندڙ وفدن جي باري ۾ به آگاهه ڪيو.