اسلام آباد – 29 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عار?? علوي آمريڪي سينيٽر ۽ اڳوڻي ڊيموڪريٽڪ اڳواڻ ه??ري ريڊ جي لاڏاڻي تي تعزيت جو اظهار ڪيو آهي. ه??ري ريڊ 82 سالن جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري ويو آهي. پنهنجي هڪ ٽوئيٽ ۾ صدر چيو ته سينيٽر ه??ري ريڊ جي موت تي تعزيت ڪرڻ چاهيان ٿو، ه?? پاڪستان جو تمام سٺو دوست هو. صدر ي??د ڏياريو ته 2012ع ۾ جڏهن هو ۽ عمران خان افغانستان جي مسئلي تي پرامن حل جي ڪوشش جي سلسلي ۾ آمريڪا جي دوري تي ويا هئا ته مرحوم سينيٽر وڏي شاندار انداز ۾ آمريڪي سينيٽرز ۽ ڪانگريس ميمبرن سان سندن ملاقاتن جو اهتمام ڪيو هو.