اسلام آباد – 17 ڊسمبر (اي پي پي) ??رڏ??هي وزير شاهه محمود قريشي چيو آهي ته افغانستان جي ??وري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو، معاشي تباهي جا اثر پاڙيسري ملڪن تي پوندا، 20 سالن جي ڊگهي جنگ به افغان تڪرار جو حل نه ڪڍي سگهي، افغانستان ۾ امن پاڪستان، خطي ۽ دنيا جي ??فاد ۾ آهي، اسلامي تعاون تنظيم، او آءِ سي ڪانفرنس جو مقصد افغانستان ۾ پائيدار امن ۽ ترقي لاءِ رستو هموار ڪرڻ آهي. اهڙن خيالن جو اظهار ??رڏ??هي وزارت ۾ او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جي غير معمولي ??جل??س جي ارادن ۽ مقصدن جي حوالي سان، مقامي ۽ عالمي ميڊيا نمائندن کي بريفنگ ڏيندي ڪيو. ??رڏ??هي وزير چيو ته افغانستان هن وقت خطرناڪ معاشي ۽ انساني بحران کي منهن ڏئي رهيو آهي. شاهه محمود قريشي افغان صورتحال جي حوالي سان چيو ته پاڪستان کي افغانستان جو ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ??اطي ان صورتحال تي گهري ڳڻتي آهي. اسان پنهنجي اقتصادي ترجيحن تي ڌيان ڏنو آهي، تنهن هوندي به اسان اقتصادي ترجيحن کي عملي جامو پارائڻ لاءِ پرامن افغانستان اسان جي ??فاد ۾ آهي، هن چيو ته افغانستان 38 ملين ماڻهن تي مشتمل ملڪ آهي. سردي جي شدت ۾ به اضافو ٿيندو رهيو آهي، يو اين ڊي پي موجب جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال تي فوري ڌيان نه ڏنو ويو ته 2022ع جي ??چ ڌاري 97 سيڪڙو افغان غربت جي سطح کان هيٺ هل??ا ويندا، ورلڊ فوڊ پروگرام موجب افغانستان ۾ صرف 5 سيڪڙو افغانين کي مناسب خوراڪ دستياب آهي، هن چيو ته 11 اهم آمريڪي شخصيتن جن ۾ اڳوڻا سفير ۽ ڪمانڊر شامل آهن هنن گڏيل طور تي بائيڊن انتظاميه کان مطال??و ڪيو آهي ته افغانستان کي انساني الميي کان بچائڻ لاءِ کين اڪليو نه ڇڏيو وڃي، هي اهو ئي موقف آهي جنهن طرف پاڪستان عالمي برادري کي ڌيان ڇڪائڻ لاءِ ڪوششون جاري رکيون آهن، ??رڏ??هي وزير چيو ته جيڪڏهن افغانستان جي صورتحال تي فوري ضابطو نه آندو ويو ته گذريل 20 سالن ۾ امن ۽ استحڪام لاءِ ڪيل ڪوششون مٽي ۾ ملي وينديون ۽ دهشتگرد گروهن کي وڌڻ ويجهڻ جو موقعو ملندو. اسان عالمي برادري کي اهو باور ڪرائڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهيون ته افغانستان ۾ 40 سالن کانپوءِ قيام امن جي اميد پيدا ٿي آهي ان موقعي کي ضايع نه ٿيڻ گهرجي. شاهه محمود قريشي چيو ته پاڪستان ويجهي پاڙيسري هجڻ جي ??اطي ان انساني الميي کان بچاءُ لاءِ مسلسل آواز اٿاري رهيو آهي، هن چيو ته ڪاسا 1000، ٽرانس نيشنل ريلوي نيٽ ورڪ ۽ ٻين علائقائي نوعيت جي ??نصوبن جي تڪميل لاءِ افغانستان جو امن اڻٽر آهي، مون نيويارڪ ۾ سيڪريٽري آف اسٽيٽ، بلنڪن کي افغانستان جي ابتڙ صورتحال کان آگاهه ڪندي عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي ضرورت تي زور ڏنو، ??رڏ??هي وزير چيو ته اڄ دنيا اسان جي آواز تي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ افغانستان جي ??دد لاءِ آمادگي جو اظهار ڪري رهي آهي، عالمي برادري جي افغانستان سان ڪجهه اميدون وابسته آهن جڏهن ته مون ڪابل جي دوري دوران طالبان عبوري قيادت کي انهن اميدن کان آگاهه ڪيو. انهن اميدن ۾ افغانستان ۾ بنيادي انساني حقن خاص طور تي عورتن جي حقن جي ??اسداري، دهشتگردي جي خاتمي جي خاطري، اجتماعيت جي حامل حڪومت سازي جهڙا نڪتا شامل آهن. شاهه محمود قريشي چيو ته اسان افغان قيادت تي زور ڏنو ته عالمي برادري جي اميدن تي پورو لهڻ انهن جي ??فادن ۾ آهي، ٻي طرف اسان عالمي برادري تي زور ڏنو ته ماضي جي غلطين کي نه ورجايو وڃي، ??رڏ??هي وزير چيو ته افغانستان جي صورتحال تي ڏينهون ڏينهن سنگين ٿيندي پئي وڃي جيڪو عالمي برادري پاران فوري ڌيان ۽ مدد جي گهرجائو آهي. افغانستان ۾ بئنڪنگ سسٽم جي عدم دستيابي جي ڪري، افغانستن جي ??اهر ويٺل ماڻهو، خواهش جي باوجود افغانستان ۾ پنهنجي ??يارن جي ڪا به مدد نٿا ڪري سگهن. اڄ عالمي برادري انسانيمدد لاءِ افغانستان سان انگيجمينٽ لاءِ آماده آهي، ??رڏ??هي وزير چيو ته مدد جي ??وري ضرورت کي نظر ۾ رکندي او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جي ڪائونسل جو غير معمولي ??جل??س جيڪو هنگامي طور تي منعقد ٿي رهيو آهي، ??رڏ??هي وزير واضح ڪيو ته پاڪستان افغانستان جي جيتري ٿي سگهي مدد ڪئي آهي پر اها ذميداري پاڪستان اڪيلو ادا نٿو ڪري سگهي. اسان کي اميد آهي ته ان او آءِ سي ??رڏ??هي وزيرن جي غير معمولي ??جل??س جي ذريعي اسان عالمي برادري کي اصل صورتحال کان آگاهي ڏيارڻ ۽ لکين افغان شهرين جي انساني بنيادن تي فوري امداد لاءِ لائحه عمل جي جوڙجڪ لاءِ اڳتي وڌي سگهون. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته انساني بنيادن تي لکين افغان شهرين کي انساني بحران کان بچائڻ لاءِ، اڳتي وڌيو وڃي. شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان جي ??وري مدد نه ڪئي وئي ته انساني بحران وڌيڪ وڌي سگهي ٿو. افغانستان جي صورتحال سان يورپي ملڪن چڱي ريت آگاهه آهن، افغانستان ۾ امن خطي ۽ دنيا جي ??فاد ۾ آهي، ٿورڙي به غفلت پوري خطي کي متاثر ڪري سگهي ٿي. پاڪستان، افغانستان بابت جيڪو به ڪردار ادا ڪري سگهي ٿو ڪري رهيو آهي، شاهه محمود قريشي چيو ته افغانستان، او آءِ سي جو بنيادي ميمبر ملڪ آهي کين اڪيلو نٿو ڇڏي سگهي، پاڪستان افغانستان جي انساني بنيادن تي مدد ڪري رهيو آهي.