اسلام آباد_12 سيپٽمبر (اي پي پي)پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي چيو آهي ته پاڪستان ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو، ڊنمارڪ جي حڪومت پاڪستان ?? سيڪيورٽي ۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري ڏسندي پاڪستان لاءِ سف??ي هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ سان ٽيليفون تي ڳالهه ٻولهه دوران ڪيو، ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ۾ ٻه طرفا لاڳاپن ۽ افغانستان جي موجوده صورتحال تي پڻ خيالن جي ڏي وٺ ٿي،مخدوم شاه محمود قريشي چيو ته پاڪستان، ڊنمارڪ سان ٻه طرفا لاڳاپن کي خاص اهميت ڏئي ٿو ۽ انهن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جو خواهشمند آ??ي، هن پنهنجي ڊنمارڪ جي هم منصب کي افغانستان سان مختلف ملڪن جي سف??رتي عملي، عالمي تنظيمن، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن کي محفوظ طريقي سان ڪڍڻ لاءِ پاڪستان جي مدد کان آگاه ڪيو، ڊنمارڪ جي پرڏيهي وزير جيب ڪوفوڊ ڪابل مان ڊنمارڪ جي شهرين کي حفاظت سان ڪڍڻ ۾ ڀرپور مدد جي فراهمي تي پرڏيهي وزير مخدوم شاه محمود قريشي جو شڪريو ادا ڪيو، شاه محمود قريشي ڊنمارڪ جي حڪومت تي ز??ر ڀريو ته پاڪستان ?? سيڪيورٽي۽ وبائي صورتحال ۾ بهتري کي ڏسندي پاڪستان لاءِ سف??ي هدايت نامي تي نظر ثاني ڪري، ان موقعي تي هن پنهنجي هم منصب کي پاڪستان جي سرڪاري دوري جي دعوت ڏني، جنهن کي هن شڪريو ادا ڪندي قبول ڪيو ۽ جلد پاڪستان جو دورو ڪرڻ جو ??شا??و ڏنو، جڏهن ته هن پڻ مخدوم شاه محمود قريشي کي ڊنمارڪ جي دوري جي دعوت ڏني.