اسلام آباد -18 آگسٽ (اي پي پي) پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي چيو آهي ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انته??ئي ضروري آهي، پاڪستان ۽ چين اسٽريٽجڪ ڀائيوار آهن. اهڙو اظهار هن پن??نج?? چيني هم منصب وانگ زي سان ٽيليفون تي ڳالهائيندي ڪيو. ٻنهي پرڏيهي وزيرن وچ ۾ افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي خيالن جي ڏي وٺ ٿي.
پرڏيهي وزير چيو ته هڪ پرامن ۽ مستحڪم افغانستان پاڪستان ۽ خطي لاءِ انته??ئي ضروري آهي، ان جي روشني ۾ پاڪستان افغان امن عمل جي پرعزم حمايت ڪئي. هن پاڪستان ۽ چين ٽرائيڪا پلس جو حصو هوندي امن جي ڪوششن کي اڳتي وڌائڻ ۾ معاونت فراهم ڪئي. پرڏيهي وزير افغانستان جي صورتحال ۽ آئينده جي لائحه عمل جي حوالي سان وزيراعظم عمران خان جي صدارت ۾ رٿيل قومي سلامتي ڪميٽي جي اجلاس بابت چيني هم منصب کي آگاهه ڪيو. موجوده صورتحال ۾ نهايت ضروري آهي ته افغان عوام ۽ ان جي حقن جي تحفظ کي يقيني بڻايو وڃي.
پرڏيهي وزير زور ڀريو ته افغانستان جو جامع سياسي تصفيه ضروري آهي جنهن جي لاءِ سمورن افغانين کي ملي ڪم ڪرڻ گهرجي. پرڏيهي وزير چيو ته عالمي برادري طرفان افغان عوام جي حمايت جاري رکڻ اڻٽر آهي، پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي هن ڳالهه تي زور ڀريو ته عالمي برادري کي افغانستان جي مسلسل معاشي معاونت برقرار رکڻي پوندي. پرڏيهي وزير پن??نج?? چيني هم منصب کي افغانستان مان مختلف ملڪن جي سفارتي ۽ عالمي ادارن جي عملي، ميڊيا ۽ ٻين ماڻهن جي نيڪالي لاءِ پاڪستان جي ڪوششن ک??ن آگاهه ڪيو.
هن چيو ته پاڪستان ۽ چين لوهي ڀائر ۽ اسٽريٽجڪ شراڪتدار آهن. هن چيو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ گڏيل مفادن ۽ اهميت جي معاملن تي وي??ها رابطا ۽ هم آهنگي برقرار رکڻ جي روايت موجود آهي. پرڏيهي وزير چيني پرڏيهي وزير کي افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي علائق??ئي اتفاق راءِ جي حاصلات لاءِ پن??نج?? متوقع دورن ک??ن تفصيلي آگاهه ڪيو. پرڏيهي وزير شاه محمود قريشي ۽ اسٽيٽ قائونصلر زانگ وي گڏيل مقصدن خاص ڪري افغانستان جي بدلجندڙ صورتحال تي وي??ها رابطا ??رقرار رکڻ تي اتفاق ڪيو.