اسلام آباد – 14 آگسٽ (اي ??ي پي) قومي اسيمبلي جي اسپيڪر اسد قيصر چيو آ??ي ته ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آ??ي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحال?? لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، موجوده حڪومت تعليم ۽ صحت جي شعبن تي خصوصي ڌيان ڏئي رهي آهي ۽ خيبرپختونخوا پهريون صوبو آ??ي جتي 100 سيڪڙو آبادي کي هيلٿ انشورنس جي سهولت فراهم ڪئي وئي آهي. هن اها ڳالهه باچاخان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي ۾ ڊائيلاسز سينٽر جي افتتاحي تقريب ۾ خاص مهمان جي حيثيت سان شرڪت ڪرڻ جي موقعي تي چئي. هن چيو ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس صوابي صوبي جو 12 هون ايم ٽي آءِ اسپتال آهي، خيبرپختونخوا جو هر شهري 10 لک تائين بلڪل مفت علاج ڪرا??ي سگهي ٿو، ٻين صوبن ۾ به صحت جي سهولت فراهم ڪئي پئي وڃي، هن چيو ته صوابي ۾ گردن جي مريضن کي سخت مشڪلاتون درپيش هيون، صوابي جا مريض هاڻي پنهنجي ضلعي ۾ ڊائيلاسز ڪرا??ي سگهن ٿا. اسپيڪر چيو ته باچا خان ميڊيڪل ڪامپليڪس ۾ جلد وڌيڪ سهولتون فراهم ڪيون وينديون، هن چيو ته اسان سڀن?? لاءِ 14 آگسٽ وچن ورجائڻ جو ڏينهن آهي، ملڪ خداداد پاڪستان اسان جي بزرگن جي عظيم قربانين کانپوءِ حاصل ٿيو آ??ي، اسان کي قوم جي حيثيت سان پنهنجي ملڪ جي ترقي ۽ خوشحال?? لاءِ سياست کان مٿانهون ٿي ڪري سوچڻ جي ضرورت آهي، آزادي جي عظيم نعمت تي اسان پنهنجي رب جو جيترو ٿورو ادا ڪريون اهو گهٽ آهي.