اسلام آباد – 24 جون (اي پ?? پي) وزيراعظم عمران خان ۽ بل اينڊ ملنڊا گيٽس فائونڊيشن جي شريڪ چيئرمين بل گيٽس ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ جاري مهم ۽ ڪووڊ – 19 سبب پيدا ٿيندڙ صحت جي چئلينجن کي منهن ڏيڻ لاءِ پاڪستان جي قدمن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي آهي. وزيراعظم آفيس جي ميڊيا ونگ مان جاري بيان موجب وزيراعظم عمران خان سڄي دنيا ۾ ڪمزور ماڻهن جي معاشي ۽ سماجي ترقي ۽ خاص طور تي صحت جي خدمتن تائين عالمگير پهچ جي فروغ ۽ وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ بل اينڊ ملنڊا گيٽ فائونڊيشن جي ڪوششن کي ساراهيو. هن خاص طور تي پاڪستان کي پ??ليو کان پاڪ ڪرڻ لاءِ فائونڊيشن جي حصيداري تي ٿوري جو اظهار ڪيو. وزيراعظم ان ڳالهه جو ورجاءُ ڪيو ته پوليو جو خاتمو حڪومت جي اهم قومي ترجيح آهي ۽ ڪورونا وبا جي چئلينج جي باوجود سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي واري مهم کي تيز ڪرڻ لاءِ ڀرپور ڪوششون ڪيون پيون وڃن، هلندڙ مهيني 7 کان 11 جون تائين سڄي ملڪ ۾ پوليو جي خاتمي لاءِ خصوصي مهم جو هن ذڪر ڪيو جنهن دوران پنج سالن کان گهٽ عمر جي 33 ملين ٻارن کي پ??ليو ويڪسين جا ڦڙا پياري ويا، ويراعظم ملڪ ۾ پوليو وائ??س جي پکيڙ کي روڪڻ ۾ ڀرپور اڳڀرائي تي اطمينان جو اظهار ڪيو ۽ اميد ظاهر ڪئي ته سم??رن حصيدارن جي تعاون سان پوليو جو خاتمو جلد ڪيو ويندو. بل گيٽس ان قومي مقصد لاءِ وزيراعظم جي قائداڻي ڪردار کي ساراهيو.