اسلام آباد – 07 مارچ (اي پي پي) پارلياماني معاملن واري مملڪتي وزير علي محمد خان چيو آهي ته وز??را??ظم عمران خان جو 25 سالا ڊگهو سياسي ڪيريئر چئلينجز سان ڀريل آهي ۽ هو ڄاڻي ٿو ته انهن کي ڪهڙي طرح منهن ڏيڻو آهي، وز??را??ظم عو??م کي ريليف ڏئي انهن جي زندگي جي معيار ۾ تبديلي آڻڻ جي مشن تي گامزن آهي، وز??را??ظم عمران خان پهرين ڏينهن کان پنهنجي واعدي تي قائم آهي ??ه بدعنوان عنص??ن جي خلاف بنا ڪنهن فرق جي احتساب جو عمل جاري رهندو. نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي هن چيو ته ملڪ جي سياسي تاريخ ۾ پهريون ڀيرو ڪنهن وز??را??ظم پاڻ قومي اسيمبلي مان اعتماد جو ووٽ ورتو آهي جڏهن ته ان کي آئيني يا قانوني طور تي ان جي ڪا ضرورت نه هئي. علي محمد خان چيو ته مون کي پارلياماني ميمبرن تي فخر آهي جن وز??را??ظم عمران خان جي قيادت تي اعتماد جو اظهار ڪيو آهي ۽ اسان عمران خان جي قيادت ۾ ملڪ جي خوشحالي ۽ ترقي جو سفر جاري رکنداسين.