پشاور – 08 فيبروري (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي خصوصي ماڻهن ل??ءِ مددگار ٽيڪنالاجي جي اهميت کي اجاگر ڪندي چيو آه?? ته حڪومت خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ معاشري ۾ انهن جي شرڪت وڌائڻ ل??ءِ پرعزم آه??، پيشيوراڻي تربيت ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي خصوصي ماڻهن کي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آه??. خصوصي ماڻهن جي حق اي??ٽ 2020ع سان کين قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي. هو گورنر هائوس پشاور ۾ خصوصي ماڻهن جي ڀلائي بابت اجلاس جي صدارت ڪري رهيو هو. اجلاس ۾ صحت واري خصوصي مددگار ڊاڪٽر فيصل سلطان، خيبرپختونخوا جي گورنر، صحت واري عالمي اداري جي نمائندن ۽ خصوصي ماڻهن شرڪت ڪئي. صدر کي خصوصي ماڻهن جي ڀلائي ۽ ترقي ۽ پاڪستان ۾ معذوري جي اڀرندڙ صورتحال بابت بريفنگ ڏني وئي. بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته پاڪستان يونيورسل هيلٿ ڪوريج جو گهٽ لاڳت وارو موثر پيڪيج تيار ڪندڙ دنيا جو پهريون ملڪ بڻجي ويو آه??. صدر چيو ته معذور ماڻهن جي بحالي ۽ موذي مرضن کان بچاءُ ل??ءِ جديد ٽيڪنالاجي جي استعمال جي ضرورت آه??، هن چيو ??ه خصوصي ماڻهن ل??ءِ مددگار ٽيڪنالاجي عالمي، علائقائي ۽ رياستي سطح تي مقبول ٿي رهي آه??، حڪومت خصوصي ماڻهن کي ٽيڪينڪل، ووڪيشنل ۽ هنرمندي جي تعليم ڏئي معاشي طور تي خودمختيار بڻائڻ تي ڌيان ڏئي رهي آه??، صدر عارف علوي چيو ته وزيراعظم عمران خان خصوصي ماڻهن ل??ءِ 2000 روپيا ماهوار وظيفو ڏيڻ جو اعلان ڪري چڪو آه??، خصوصي ماڻهن جي حق اي??ٽ 2020ع سان خصوصي ماڻهن کي قومي ترقي ۾ شامل ڪرڻ ۾ مدد ملندي.