اسلام آباد – 19 – جنوري (اي پي پي) وزير??عظ?? عمران خان جي صدارت ۾ ڪورونا ويڪسين حاصل ڪرڻ جي حوالي سان قائم ڪابينا ڪميٽي جو اجلاس ٿيو. اجلاس ۾ صنع?? واري وفاقي وزير محمد حماد اظهر، منصوبابندي واري وفاقي وزير اسد عمر، وزير??عظ?? جي صح?? واري خاص معاون ڊاڪٽر فيصل سلطان ۽ سماجي ڀلائي واري خاص معاون ڊاڪٽر ثانيه نشتر شرڪت ڪئي. ڪميٽي جي ميمبرن وزير??عظ?? کي بريفنگ ڏني ته گذريل ڪجهه ڏينهن ۾ ٻه ويڪسينز جي ا??مرجنسي استعمال جي منظوري ڏني وئي آهي. ان کانسواءِ وڌيڪ ويڪسينز جي منظوري جي لاءِ قدمن کي فاسٽ ٽريڪ ڪيو پيو وڃي. وزير??عظ?? کي ٻڌايو ويو ته منظور ٿيل ٻن ويڪسينز کي حاصل ڪرڻ جي لاءِ قدم جاري آهن ۽ هن سال جي پهرين ٽه ماهي ۾ ويڪسينز جي فراهمي کي يقيني بڻايو وي??دو.