اسلام ??با?? – 22 نومبر (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته پي ڊي ايم پنهنجي جلسن جي تسلسل تي اصرار ذريعي عوام ۽ انهن جو معاش ڄاڻي واڻي خطري ۾ وجهي رهي آهي، هي لکين جلسا ڪري وٺن پر انهن کي ڪو اين آر او نه ملندو. پنهنجي ٽوئيٽ ۾ وزيراعظم چيو ته پاڪستان ۾ ڪورونا جي وبا جي ٻي لهر جا انگ اکر ڳڻت?? جوڳا آهن. گذريل 15 ڏينهن وينٽيليٽرز جي محتاج مريضن جو انگ پشاور 200 سيڪڙو، ملتان 200 سيڪڙو، ڪراچي 148 سيڪڙو، لاهور 114 سيڪڙو ۽ اسلام ??با?? 65 سيڪڙو وڌي ويو آهي. اسلام ??با?? ۽ ملتان جا 70 سيڪڙو وينٽيليٽرز استع??ال هيٺ آهن. هن چيو ته هن وقت پوري دنيا ٻي لهر جي وڪڙ ۾ آهي ۽ ڪي??رائي ملڪ مڪمل طور تي بندشون (لاڪ ڊائون) لاڳو ڪري چڪا آهن.