اسلام آباد – 11 سيپٽمبر (اي پي پي) سينيٽ چيئرمين محمد صادق سنجراڻي چيو آهي ته چين سان دوستاڻي لاڳاپن تي پوري پاڪستاني قوم ۽ سيا??ي قيادت هڪ آهي ۽ ٻنه?? ملڪن جي عوام جون دليون هڪٻئي سان گڏ ڌڙڪنديون آهن، ٻنه?? ملڪن جا لاڳاپا وقت گذرڻ سان گڏوگڏ وڌيڪ مستحڪم ٿي رهيا آهن. اهڙن خيالن جو اظ??ار هن چين جي عهدو ڇڏيندڙ سفير يائو جنگ جي اعزاز ۾ ڏنل آجياڻي جي موقعي تي ڪيو، سينيٽ سيڪريٽريٽ موجب سينيٽ چيئرمين چيو ته چين سان مضبوط لاڳا اسان جي پرڏيهي پاليسي جو اهم حصو آهن ۽ پاڪست??ن ۽ چين جي دوستي تاريخي ۽ مثالي آهي، هن چي وته سمورا ادارا ۽ سيا??ي قوتون چين سان لاڳاپن تي متحد آهن ۽ سي پيڪ ٻنه?? ملڪن جي لاڳاپن کي اسٽريٽجڪ حصيداري ۾ بدلائي ڇڏيو ۽ بيلٽ اينڊ روڊ منصوبو ۽ سي پيڪ خطي جي ترقي جو لنگهه آهي.