اسلام آباد – 23 جولاءِ (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو آهي ته ڀارت چين پاڪستان اقتصادي لنگهه ۾ رڪاوٽون پيدا ڪ??ي رهيو آهي، ڀارت جو تشدد ۽ رويو علائقائي امن ۽ استحڪام جي لاءِ خطرو آهي. اهڙن خيالن جو اظهار هن چين جي سفير يائو جنگ سان ايوان صدر ۾ ملاقات دوران ڪيو، صدر چيو ته پاڪستان چين سان پنهنجي لاڳاپن کي قدر جي نگاهه سان ڏسي ٿو، چين مشڪل جي گهڙي ۾ سدائين پاڪستان سان ڪلهو ڪلهي ۾ ملائي بيٺل رهيو. هن يقين ڏ??اريو ته پاڪستان هڪ چين جي پاليس?? جي حمايت جاري رکندو، پاڪستان چين جي قومي مفاد جي اهم مع??مل?? سميت هانگ ڪانگ، تبت ۽ تائيوان جي مع??مل?? تي انهن سان گڏ بيٺل هوندو.