اسلام آباد – 10 جولاءِ (اي پي پي) وزيرا??ظم عمران خان هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي لاءِ مراعتن ۽ سهو??تن جو اعلان ڪندي نئين پاڪستان هائوسنگ پراجيڪٽ لاءِ 30 ارب روپين جي سبسڊي مختص ڪري ڇڏي آهي، په??ين هڪ لک گهرن جي تعمير تي في گهر 3 لک روپيا سبسڊي ڏني وي??دي، قرض جي صورت ۾ مارڪ اپ جي شرح پنج مرلي جي گهر جي لاءِ 5 سيڪڙو ۽ 10 مرلي جي گهرن جي لاءِ 7 سيڪڙو هوندي، اين او سي ۽ ٻين سهو??تن جي لاءِ صوبن سان گڏجي ون ونڊو آپريشن جو آغاز ڪيو وي?? آهي، سستن گهرن جي تعمير تي ٽيڪسن ۾ گهٽتائي ڪئي وئي آهي، گهر جي خريداري تي آمدني جا ذريعا نه پڇيا وي??دا، سمورا ماڻهو 31 ڊسمبر تائين حاصل سهو??تن مان هر ممڪن فائدو کڻن، هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي کي ترقي ڏيڻ سان ملڪي معيشت کي استحڪام ملندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن هائوسنگ، تعميرات ۽ ترقي بابت قومي رابطا ڪميٽي جي په??ين اجلاس کانپوءِ خيالن جو اظهار ڪندي ڪيو. وزيرا??ظم چيو ته ملڪ ۾ هائوسنگ ۽ تعميرات جي شعبي جي ترقي جي راهه ۾ رڪاوٽون ۽ مشڪلاتون هيون جنهن کي ختم ڪرڻ جي لاءِ قومي رابطا ڪميٽي جوڙي وئي. هن چيو ته نئون پاڪستان هائوسنگ اسڪيم جا مقصد حاصل ڪرڻ جي لاءِ مختلف رخن ۾ ڪم ڪيو پيو وڃي، گهرن جي لاءِ قرضن جي سهولت بابت قانون نه هو جنه?? تي ڪم جاري آهي، صوبن سان گڏجي تعميرات جي صف بابت رڪاوٽن کي ختم ڪيو وي??دو، هن چيو ته هائوسنگ ۽ تعمرات جي شعبي جي ترقي سان جتي عام ماڻهن کي پنهنجو گهر بڻائڻ جي سهولت حاصل ٿيندي، اتي روزگار جا موقعا به پيدا ٿيندا ۽ تعميراتي صنعتن جو ڦيٿو هلڻ سان ملڪي معيشت کي به استحڪام ملندو.