اسلام آباد – 10 مارچ (اي پي پي) وزيراعظم عمران خان چيو آهي ته حڪومت م??ڪ م??ن غربت جي خاتمي لاءِ پرعزم آهي، ا?? مقصد جي لاءِ ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل ذريعي انگ اکر جوڙڻ ترقياتي منصوبابندي جي حوالي سان اهميت رکندڙ آهي، مهذب معاشري جي سڃاڻپ ڪجهه اميرن سان نه پر اڪثريت جي رهڻي ڪهڻي سان هوندي آهي، ماضي ۾ بدقسمتي سان عوام تي پئسو خرچ ڪر?? وقت زميني حقيقتن کي نظر ۾ نه رکيو ويو، ڪنهن هڪ علائقي تي وڌيڪ فنڊ خرچ ڪر?? سان ٻيا علائقا ترقي کان محروم رهجي وڃن ٿا، غربت جي خلاف جهاد ئي اصل جهاد آهي، ڪمزور طبقي جي خوشحالي سان ئي ملڪ ترقي ڪندو. اهڙن خيالن جو اظهار هن ڊيٽا فار پاڪستان پورٽل جاري ڪر?? جي حوالي سان تقريب کي خطاب ڪندي ڪيو.