ڪوئيٽا – 22 جنوري (اي پي پي) وزيراعظم جي اطلاعات ۽ نشريات بابت خاص مددگار ڊاڪٽر فردوس عاشق اعواڻ چيو آهي ته آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ طرفان پاڪستان ڀارت جي وچ ۾ ثالثي جو ڪردار ادا ڪرڻ جي آڇ پاڪستان جي ڪشمير مسئلي بابت ڪامياب سفارتڪاري طرف هڪ اهم اڳڀ??ائ?? ??هي. وزيراعظم عمران خان ڪشميرين جو وڪيل ۽ سفير بڻجي عالمي برادري جو ضمير جهنجهوڙي رهيو ??هي. وزيراعظم جي آمريڪي دوري سان ٻنهي ملڪن جي وچ ۾ لاڳاپا نئين رخ ۽ عزم سان اڳتي وڌي رهيا آهن، وزيراعظم عمران خان جي دل بلوچستان جي عوام سان گڏ ڌڙڪي ٿي ۽ هو بلوچستان جي تر??ي کي اهميت ڏي ٿو. بلوچستان جي تر??ي سان ئي پاڪستان جي تر??ي لاڳاپيل آهي، هو ڪوئيٽا پهچڻ کانپوءِ ايئر پورٽ جي ٻاهران ميڊيا سان ڳالهائي رهي هئي.