لاڙڪاڻو- 28 ڊسمبر (ا?? پي پي) صدر مملڪت آصف علي زرداري، بلاول ڀٽو زرداري ۽ فريال ٽالپر سان جي يو آءِ سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مولانا راشد سومرو ملاقات ڪئي آهي. تفصيل ??وج?? مولانا راشد سومرو سان گڏ جمعيت علماءِ اسلام لاڙڪاڻو جو صدر مولانا ناصر سومرو پڻ موجود هو. پاڪستان پيپلز پارٽ?? جي قيادت ۽ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻن وچ ۾ سياسي صورتحال تي ڳالهيون ٿيون. پاڪستان پيپلز پارٽي ۽ جمعيت علماءِ اسلام سنڌ جي اڳواڻن وچ ۾ مدرسن جي رجسٽريشن بل جي حوالي سان به ڳالهه ٻولهه ٿي . لاڙڪاڻي ۾ پاڪستان پيپلز پارٽ?? جي اڳواڻن سان جي يو آءِ سنڌ جي اڳواڻن جي ملاقات جي موقع?? تي سنڌ اسيم??لي جو ميمبر جميل سومرو ۽ سهيل انور سيال پڻ موجود هئا.