اسلام آباد- 25 ڊسمبر (اي پي پي) پرڏيهي آفيس جي ترجمان چيو آهي ته پاڪستان انساني حقن جون پنهنجون سموريون عا??مي ذميواريون پوريون ڪرڻ لاءِ پُرعزم آهي. ترجمان فوجي عدالتن جي تازن فيصلن تي بيانن بابت سوال جي جواب ۾ جاري بيان ۾ چيو ته پاڪستان جو قانوني نظام عا??مي انساني حقن جي قانون سان هم آهنگ آهي جنهن ۾ شهري ۽ سياسي حقن جي عا??مي معاهدن جون شقون به شامل آهن. هن چيو ته ان ۾ اعليٰ عدالتن ذريعي عدالتي نظرثاني به موجود آهي جنهن ۾ انساني حقن ۽ بنيادي آزادين کي هٿي وٺرائڻ ۽ تحفظ جي ضمانت ڏني وئ?? آهي. ترجمان چيو ته اهو فيصلو پاڪستان جي پارليامينٽ جي بنايل ??انون تحت ۽ سپريم ڪورٽ آف پاڪستان جي فيصلن مطابق ڪيا ويا آهن. هن چيو ته پاڪستان جمهوريت جي اصولن، انساني حقن ۽ قانون جي حڪمراني کي هٿي وٺرائڻ لاءِ تعميري ۽ نتيجا ڏيندڙ ڳالهين تي يقين رکي ٿو. ترجمان چيو ته اسان جي ايس پي پلس اسڪيم ۽ بنيادي عا??مي انساني حقن جي ڪنوينشنز تحت پنهنجن وعدن کي عملي جامو پهرائڻ لاءِ پوري طرح پُرعزم آهيون، اسان بنا ڪنهن فرق ۽ ٻٽي معيار جي عا??مي انساني حقن جي قانون کي برقرار رکڻ لاءِ يورپي يونين سميت پنهنجي عا??مي ڀائيوارن سان ڳالهيون جاري رکنداسين.