اسلام آباد- 17 ڊسمبر (اي پي پي) ڪابينه جي ذيلي ڪميٽي جي سفارشن تي ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جي تحفظ جو بل 2024ع قومي اسيمبل??ءَ ۾ پيش ڪيو ويو، جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽ??ءَ حوالي ڪيو ويو. قومي اسيمبل??ءَ جي اجلاس ۾ سيد خورشيد احمد شاهه رٿ پيش ڪئي ته ريگيولر ڪيل سول سرونٽس ۽ ملازمن جي حقن جو تحفظ بل 2024ع پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي، جنهن جي قانون واري وزير مخالفت نه ڪئي. هن چيو ته ان حوالي سان ڪجهه شيون پيچيده آهن، ان معاملي کي قانون ۽ انصاف واري وزارت جي پارلياماني ڪميٽ??ءَ کي موڪليو وڃي. سيد نويد قمر چيو ته لاڳاپيل ڪميٽ??ءَ کي ئي بل موڪليو وڃي ۽ قانون وارو وزير به ان تي به پنهنجي راءِ ڏي. قانون واري وزير چيو ته قانونسازي هڪ مستقل ڪم آهي ۽ اها بهتر??ءَ لاءِ ٿيند?? آهي. کاتن جي ايلوڪيشن رول آف بزنس تحت ڪابينه وقت بوقت تبديل ڪندي رهند?? آهي، جنهن کاتي طرفان بل ايوان ۾ ايندو آهي اهو ان کان ئي لاڳاپيل ڪميٽ??ءَ کي موڪليو ويندو آهي. ان موقعي تي سيد نويد قمر گذريل ڏينهن منظور ٿيل هڪ بل جو حوالو ڏنو جنهن جي جواب ۾ هن ٻُڌايو ته زميني رستن ذريعي ٿين??ڙ واپار جي نگران??ءَ لاءِ ڊراءِ پورٽ اٿارٽي قائم ڪرڻ جو بل هو جنهن ۾ مختلف ادارن جي ڪوآرڊينيشن کي اسٽريم لائن ڪيو ويو آهي ۽ زميني رستن ذريعي واپار کي ريگيولرائيز ڪيو ويو آهي. بعد ۾ سيد خورشيد شاهه بل ايوان ۾ پيش ڪيو جنهن کي لاڳاپيل ڪميٽ??ءَ حوالي ڪيو ويو.