اسلام آباد – 03 – ڊسمبر (اي پي پي) صدر آصف علي زرداري پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي چوٿون بلائنڊ ٽي 20 و??لڊ ڪپ کٽڻ تي مبارڪباد ڏيندي چيو آهي ته معذور ماڻهو به راندين جي شعبي ۾ نمايان ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا. ايوان صدر جي پريس ونگ پاران جاري بيان موجب صدر ٽي 20 بلائنڊ ڪرڪيٽ و??لڊ ڪپ فائنل ۾ بنگلاديش کي 10 وڪيٽن تان هارائڻ تي ٽيم کي ساراهيو. هن چيو ته پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم فائنل ۾ شاندار راند جو مظاهرو ڪيو آهي. صدر چيو ته خصوصي ماڻهن جي عالمي ڏينهن جي موقعي تي بلائنڊ ڪرڪيٽ و??لڊ ڪپ کٽڻ تي پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم کي مبارڪباد ڏيان ٿو. صدر آصف علي زرداري چيو ته خصوصي رانديگرن بلائنڊ ٽي 20 و??لڊ ڪپ کٽي پاڪستان جو نالو روشن ڪيو آهي. صدر چيو ته راندين سميت زندگي جي سمورن شعبن ۾ خصوصي ماڻهن جي شموليت ??ڌائڻي پوندي، خصوصي ماڻهن کي اڳتي وڌڻ ۽ تر??ي ڪرڻ جا موقعا فراهم ڪرڻ جي ضرورت آهي. صدر پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ڪائونسل کي ڪامياب ٽورنامينٽ منعقد ڪرڻ تي مبارڪباد ڏين??ي پاڪست??ن بلائنڊ ڪرڪيٽ ٽيم جي مستقبل جي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.