اسلام آباد-01 ڊسمبر (اي پي پي) صدر ??ملڪت آصف علي زرداري خيبرپختونخوا جي ضلعن بنون ۽ خيبر ۾ سيڪيورٽي فورسز جي ڪاميابي ڪاررواين تي فورسز کي خراج تحسين پيش ڪندي چيو آهي ته پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي ڪڏهن نه وساريندي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان ۾ صدر ??ن مختلف ڪاررواين دوران 8 خوارجن کي ج??نم ڀيڙو ڪرڻ تي سيڪيورٽي فورسز جي بهادري کي ساراهيو ۽ ڪاررواين دور??ن شهيد ٿيل ڪيپٽن محمد زوهيب الدين ۽ سپاهي افتخار حسين کي خراج عقيدت پيش ڪيو. صدر ملڪ خاطر وڏي قرباني پيش ڪرڻ تي شهيدن جي حب الوطني واري جذبي کي ساراهيو. هن چيو ته ملڪي سلامتي خاطر شهيدن جون قربانيون ضايع نه وينديون. پوري قوم ملڪ خاطر شهادت ماڻيندڙ جوانن جي قربانين کي نه وساريندي. صدر ??ملڪت دهشتگردي ج?? لعنت جي خاتمي تائين ڪارروايون جاري رکڻ جي عزم جو ورجاءُ ڪيو ۽ چيو ته پوري قوم دهشتگردي خلاف جنگ ۾ پنهنجي بهادر سيڪيورٽي فورسز سان گڏ بيٺل رهندي. صدر ??ملڪت شهيدن جي بلند درجن ۽ وارثن لاءِ صبر جي دعا ڪئي.