اسلام آباد-17 آڪٽوبر (اي پي پي) قومي اسيمبليءَ جي ا??پي??ر سردار اياز صادق چيو آهي ته غربت هڪ وڌندڙ سماجي ۽ معاشي مسئلو آهي، غربت گهٽائڻ لاءِ عالمي سطح تي اجتماعي ڪوششن جي ضرورت آهي، غربت جي خاتمي لاءِ عدل ۽ انصاف تي ٻَڌل معاشري جي جوڙجڪ ضروري آهي. ڪالهه جاري بيان ۾ ا??پي??ر غربت جي خاتمي جي عالمي ڏينهن تي پيغام ۾ چيو ته غربت هڪ عالمي مسئلو آهي. هن چيو ته سڄي دنيا ۾ خاص طور اُسرندڙ ملڪن ۾ عوام جو هڪ وڏو انگ غربت جي لڪير کان هيٺاهين واري زندگي گذاي رهيو آهي. ا??پي??ر چيو ته سماجي ۽ اد??ره جاتي ناانصافي ۽ غير منصفاڻا رَويا غربت جي خاتمي ۾ وڏيون رڪاوٽون آهن، جن جي ازالي جي ضرورت آهي. ا??پي??ر سردار اياز صادق چيو ته پاڪستان جي پارليامينٽ قانونسازي ذريعي ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ پُرعزم آهي، موجوده حڪومت ملڪ مان غربت جي خاتمي لاءِ ترجيحي بنيادن تي قدم کڻي رهي آهي. هن چيو ته پاڪستان ۾ پُٺتي پيل طبقن کي بااختيار بنائڻ لاءِ مختلف فلاحي ۽ سماجي منصوبا جاري ڪيا ويا آهن، موجوده حڪومت طرفان پرائيم منسٽر يوٿ پروگرام جاري ڪرڻ نوجوانن کي مالي طور ت?? پاڻڀرو بنائڻ جي بهترين ڪوشش آهي. ا??پي??ر چيو ته معياري تعليم ۽ بهتر طبي سهولتن کي ه??ي ڏيڻ، هڪ بهتر ۽ محفوظ مستقبل لاءِ غربت جو خاتمو ضروري آهي.