اسلام آباد – 14 – آڪٽوبر (اي پي پي) چين جو وزيراعظم لي چيانگ سومر ڏينهن چئن ڏينهن جي ٻطرفي دوري تي پاڪس??ان پهچي ويو. چين جو وزيراعظم سندس دوري دوران ملڪي اعليٰ سول ۽ فوجي قيادت سان ملاقاتون ڪندو ۽ شنگهائي تعاون تنظيم جي حڪومتي سربراهن جي ڪائونسل جي اجلاس ۾ شرڪت ڪندو. چين جي وزيراعظم سان گڏ وزير ۽ اعليٰ عملدارن تي ٻڌل هڪ اعليٰ سطحي وفد به آهي جنهن ۾ ناڻي ۽ واپار واري وزارت، نيشنل ڊيولپمينٽ ۽ ريفارم ڪميشن ۽ چين جي عالمي ترقياتي ايجنسي جا آفيسر به شامل آهن. چين جي ڪنهن به وزيراعظم جو گذريل 11 سالن ??ان??وءِ پاڪس??ان جو هي پهريون دورو آهي.
نور خان ايئربيس پهچڻ تي وزيراعظم محمد شهباز شريف ۽ نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار وفاقي ڪابينا جي ٻين ميمبرن ۽ اعليٰ سرڪاري عملدارن وزيراعظم لي چيانگ جي آجيان ڪئي. ان موقعي تي روايتي پاڪستاني لباس پهري?? ٻن ٻارڙين معزز مهمانن کي گلدستا پيش ڪيا.
جڏهن ته مهمان وزيراعظم کي 21 توپن جي سلامي ڏني وئي. پاڪس??ان جي هٿياربند فوج جي دستي معزز مهمان کي سلامي پيش ڪئي. چين جو وزيراعظم بعد ۾ وزيراعظم هائوس ۾ وزيراعظم محمد شهباز شريف سان ملاقات ڪندو جتي کيس باضابطا آجياڻي واري تقريب ۾گارڊ آف آنر پيش ڪيو ويندو جنهن ??ان??وءِ ٻئي وزيراعظم وفدن جي سطح تي ڳالهه ٻولهه ڪندا جنهن ۾ پاڪ چين لاڳاپن جي سمورن رخن جنهن ۾ اقتصادي ۽ واپاري لاڳاپا ۽ چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه تحت تعاون تي مٽاسٽا ڪئي ويندي.
ڌريون چين پاڪس??ان اقتصادي لنگهه جي ٻئي مرحلي (سي پيڪ 2) ۽ ٻين ميگا پراجيڪٽس سميت ٻطرفي تعاون کي مضبوط بڻائڻ جي لاءِ مفاهمت جي يادداشتن تي به صحيحون ڪندا.
چين جو وزيراعظم گوادر انٽرنيشنل ايئرپورٽ جو ورچوئل افتتاح پڻ ڪندو. پنهنجي پاڪس??ان جي دوري دوران چين جو وزيراعظم صدر آصف علي زرداري ۽ پاڪس??ان جي پارلياماني اڳواڻن ۽ اعليٰ عسڪري قيادت سان ملاقاتون ڪندو. ان کانسواءِ هو 15 ۽ 16 آڪٽوبر تي اسلام آباد ۾ ٿيندڙ شنگهائي تعاون تنظيم (ايس سي او) جي حڪومتي سربراهي ڪائونسل جي اجلاس ۾ به شرڪت ڪندو.