اسلام آباد-11 آڪٽوبر (اي پي پي) پاڪستا?? سميت سڄي دنيا ۾ نياڻين کي بااختيار بڻائڻ ۽ انھن کي درپيش مسئلن جي خاتمي لاءِ نياڻين جو عالمي ??ينھن 11 آڪٽوبر تي ملھايو ويو. ان ڏينھن جي حوا??ي سان سڄي ملڪ ۾ س??ڪاري، غير سرڪاري، خانگي ۽ عورتن جي ادارن ۽ تنظيمن جي انتظام ھيٺ مختلف تقريبون ۽ پروگرام منعقد ڪيا ويا ته جيئن عام ماڻھن کي نياڻين کي بااختيار بڻائڻ جي اھميت ۽ انھن جي درپيش مسئلن جي تدارڪ جي حوا??ي سان آگاھي فراھم ڪئي وڃي. نياڻين جو عالمي ??ينھن11 آڪٽوبر تي سڄي دنيا ۾ ملھايو ويندو آھي. ان ڏينھن کي ملھائڻ جو بنيادي مقصد نياڻين کي بااختيار بڻائڻ سان گڏوگڏ تازين ڄاول نياڻين جي اھميت، طاقت ۽ صلاحيت کي تسليم ڪرڻ پڻ آھي. 19 ڊسمبر 2011ع تي گڏيل قومن جي جنرل اسيمبلي 11 آڪٽوبر تي نياڻين جي عالمي ??ينھن طور ملھا??ڻ لاءِ ٺھراءُ 170/66 منظور ڪيو ھو.