اسلام آباد-10 آڪٽوبر (اي پي پي) سعودي عرب جي سيڙپڪاري واري وزير شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح چيو آهي ته پاڪستان ۾ وڏي منافعي جي شرح ۽ گهٽ رسڪ جي سيڙپڪاري جي منزل بڻجڻ جي ڀرپور صلاحيت موجود آهي جيڪا ان کي سعودي سيڙپڪارن لاءِ ا??ته??ئي پُرڪشش هنڌ بڻائي ٿي. ڪا??هه خميس ڏينهن پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم کي خطاب ڪندي سعودي وزير پاڪستان حڪومت جي قدمن ۽ اقتصادي سڌارن کي ساراهيندي ??صو??ي ون اسٽاپ شاپ، سنگل ونڊو سسٽم ۽ ??صو??ي سيڙپڪاري سهولت ڪائونسل (ايس آءِ ايف سي) قائم ڪرڻ کي سيڙپڪاري جي عمل کي هموار بڻائڻ ۾ اهم عمل قرار ڏنو. هن چيو ته پاڪستان سعودي عرب بزنس فورم دورام ٻنهي ملڪن وچ ۾ 2 ارب ڊالرن جي ماليت جي 27 معاهدن تي صحيحيون متوقع آهن. هن ان ڳا??هه تي زور ڀريو ته اهي معاهدا منظم طريقي سان اڀريا آهن جيڪي سهولتڪاري جي مضبوط ڪوششن جي عڪاسي ڪن ٿا. سعودي وزير ٻنهي ملڪن وچ ۾ واپاري لاڳاپا وڌائڻ لاءِ واپار جي عزم جو اعتراف ڪندي چيو ته ٻطرفي واپار ۾ پهرين ئي تقريبن 80 سيڪڙو اضافو ٿيو آهي جيڪو 2019ع ۾ 3 ارب ڊالرن کان وڌي اڄ 5.4 ارب ڊالرن تائين پهچي ويو آهي. هن پاڪستاني سيڙپڪاري لائسنسن ۾ نمايان اضافي تي به روشني وڌي جيڪي ٻيڻ کان وڌيڪ ٿي چڪي آهي جيڪو سعودي حڪومت جي حوصلا افزائي جو ثب??ت آهي. شيخ خالد بن عبدالعزيز الفالح سعودي ولي عهد طرفان پاڪستان ۾ 5 ارب ڊالرن جي سيڙپڪاري جي اعلان تي ا??ته??ئي خوشي جو اظهار ڪيو ۽ انڪشاف ڪيو ته اهو اعلان وزيراعظم محمد شهباز شريف جي عهدو سنڀالڻ کان جلدي پوءِ سعودي عرب جي دوري دوران ٿيو.هن چيو ته مون کي خوشي آهي ته پبلڪ انويسٽمينٽ فنڊ جي اسان جي وچ ۾ نمائندگي موجود آهي، اهو وفد نه رڳو پي آءِ ايف جي نمائندگي ڪري ٿو پر ان ۾ ايڪوا، ايڪوا پاور، تجديد جوڳي توانائي، منارا منرلز جهڙيون ڪيتريون ئي پورٽ فوليو ڪمپنيون به ش??مل آهن. سعودي عرب ۽ پاڪستان وچ ۾ اقتصادي امڪان عملي طور تي لا محدود آهن جيڪي ٻطرفن لاڳاپن ۽ پراڻي دوستي جي پائيدار مضبوطي جي عڪاسي ڪن ٿا.