اسلام آباد _ 10 آڪٽوبر (اي پي پي )واپار واري وفاقي وزير ڄام ڪمال چيو آهي ته پاڪستاني ڪمپنين جي صلاحيت وڌائي روانگي واپار ۾ اضافو ڪري سگهجي ٿو، پاڪس??ان ۽ سعودي عرب وچ ۾ واپار جي ڳاڻيٽي ۾ اضافو ٿي ره??و آهي. پاڪس??ان سعودي ويزن 2030ع کي مڪمل ڪرڻ لاءِ افرادي سگهه ۽ ٻيون سهولتون فراهم ڪرڻ جي مڪمل صلاحيت رکي ٿو. انهن خيالن جو اظهار هن خميس ڏينهن هتي مقامي هوٽل ۾ پاڪ – سعودي بزنس فورم 2024ع جي افتتاحي اجلاس جي صدارت دوران ڪيو . واپار واري وفاقي وزير سعودي عرب کان آيل ڪاروباري م??ڻهن، ڪمپنين ۽ ٻين سعودي اخ??يارين جو شڪريه ادا ڪيو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب گڏيل ثقافت ۽ قدر رکن ٿا ۽ ٻنهي ملڪن وچ ۾ مضبوط واپاري شراڪت داري قائم آهي . ڄام ڪمال چيو ته پاڪس??ان چانورن، گوشت ، چمڙي ، دالين ، ميون ۽ ٻي م??نوعات وڏي مقدار ۾ سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ڪندو آهي. هن چيو ته وزيراعظم محمد شهباز شريف جي ويزن تحت واپار واري وزارت ٻه طرفي واپار کي وڌائڻ لاءِ جامع قدم کڻي ره?? آهي. واپار واري وزير چيو ته پاڪس??ان انفارميشن ٽيڪنالاجي جي شعبي ۾ سعودي عرب کي خدمتون فراهم ڪرڻ چاهي ٿو. ان کان علاوه فارماسيوٽيڪل ۽ ٽيڪسٽائل جي شعبي م??ن پ?? سعودي عرب ڏانهن ايڪسپورٽ ۾ اضافو ڪيو ويندو. ڄام ڪمال چيو ته پاڪس??ان فيبروري 2025ع ۾ سعودي عرب ۾ سنگل ڪنٽري ايگزيبيشن منعقد ڪرڻ وارو آهي جنهن ۾ سعودي سيڙپڪارن ۽ عوام کي انفارميشن ٽيڪنالاجي، فوڊ، معدنيات ۽ ٻين شعبن ۾ سيڙپڪاري جو موقعو ملندو. هن چيو ته پاڪس??ان ۽ سعودي عرب واپار ۾ اضافي لاءِ گڏجي ڪم ڪري ره??ا آهن.