اسلام آباد – 10 – سيپٽمبر (اي پي پي) اطلاعات، نشريات، قومي ورثي ۽ ثقافت واري وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ هم نيوز جي سينيئر اينڪرپرسن عاصمه شيرازي جي گهر ويو ۽ سندس ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي تي گ??رڀ??تين سان تعزيت جو اظهار ڪيو ۽ مرحوم جي ايصال ثواب لاءِ فاتحه خواني ڪئي. اطلاعات واري وفاقي وزير سان گڏ وزيراعظم جو ڪوآرڊينيٽر بدر ش??باز وڙائچ، سيڪريٽري اطلاعات عنبرين جان، جوائنٽ سيڪريٽري اطلاعات ۽ پرنسپل انفارميشن آفيسر پڻ موجود ??ئا. وفاقي وزير عطاءُ الله تارڙ عاصمه شيرازي جي ڀاءُ محسن شيرازي جي لاڏاڻي کي گ??رڀ??تين جي لاءِ ناقابل ت??افي نقصان قرار ڏيندي چيو ته ڀيڻ ڀاءُ قدرت جا انمول رشتا آهن، ڏک جي هن گهڙيءَ ۾ سوڳوار خاندان جي ڏک ۾ برابر جا شريڪ آهيون. هن دعا ڪئي ته الله تعاليٰ مرحوم کي جنت ۾ اعليٰ مقام ۽ پونئيرن کي صبر ۽ جميل عطا فرمائي.